Book Name:Jahannam Ke Azabat
رهيو۔ آخرڪار سندس پڪار ٻڌي وئي ۽ هو بخشيو ويو۔
معلوم ٿيو ته اسان جي اميد نه ٽٽڻ گهرجي۔ الله پاڪ جي رحمت تمام گهڻي وسيع آهي، ايتري وسيع آهي جو اسان ان جو تصور به نه ٿا ڪري سگهون۔
اي ٻانهؤ! مايوس نه ٿيو
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
قُلْ یٰعِبَادِیَ الَّذِیْنَ اَسْرَفُوْا عَلٰۤى اَنْفُسِهِمْ لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَةِ اللّٰهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ یَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِیْعًاؕ-
(پارو: 24، سورة زُمر: 53)
ترجموڪنز العرفان: اوهان فرمايو: اي منهنجا اهي ٻانهؤ جن پنهنجي پاڻ تي زيادتي ڪئي! الله جي رحمت کان مايوس نه ٿجو. بيشڪ الله سمورا گناهه بخشي ڇڏيندو آهي.
مسلمانن سان سڀ کان پهريون ڪلام
حضرت معاذ بن جبل رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا مان توهان کي ٻڌايان ته قيامت جي ڏينهن الله پاڪ ۽ ٻانهن جي وچ ۾ سڀ کان پهريون ڪلام ڪهڙو هوندو؟ فرمايائون: الله پاڪ فرمائيندو: (اي ايمان وارؤ!) ڇا توهان منهنجي بارگاهه ۾ حاضري جو شوق رکندا هيؤ؟ ٻانها عرض ڪندا: ها مالڪ! اسان تنهنجي ملاقات جو شوق رکندا هئاسين. الله پاڪ فرمائيندو: ڇو؟ ڪهڙي سبب جي ڪري شوق