Jahannam Ke Azabat

Book Name:Jahannam Ke Azabat

(7): مسلمان ڀاءُ جي حاجت پوري ڪرڻ

حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي: حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ هلي ۽ هن سان همدردي ڪري ته الله پاڪ اُن جي ۽ جهنم جي وچ ۾ ست خندقون حائل ڪري ڇڏيندو ۽ هر خندق جو فاصلو ٻي خندق کان ايترو هوندو جيترو زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ آهي۔([1]) 

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته اسان جهنم کان بچڻ ۽ جنت ۾ وڃڻ جي لاءِ پنهنجن مسلمان ڀائرن سان همدردي ڪريون، سندن ڪم اچون، ڪنهن کي قرض جي ضرورت هجي ته استطاعت مطابق کيس قرض ڏيون، غريبن تي خرچ ڪريون، بکايلن کي کاڌو کارايون، اهڙي طرح عزيزن ۽ رشتيدارن جي به ڪم اچون، پاڙيسرين جي به ڪم اچون، دوستن جي به ڪم اچون، مطلب ته جنهن به مسلمان جي جيڪا به جائز حاجت هجي، اسان پنهنجي وَسَ آهر صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ سندس مدد ڪريون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ جهنم کان بچائي جنت ۾ داخل فرمائي ڇڏيندو۔ 

شفاعت ملندي

حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي ته رسولِ


 

 



[1]...موسوعۃ امام ابن ابی الدنیا، کتاب قضاء الحوائج، جلد:4، صفحہ:168، حدیث:35۔