Book Name:Jahannam Ke Azabat
فرمائن ٿا: اِهي روزا عيد کان پوءِ مسلسل رکيا وڃن تڏهن به ڪو حرج نه آهي، بهتر هي آهي ته هر هفتي 2 روزا رکيا وڃن ۽ عيد جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکيو وڃي ۽ جيڪڏهن سڄو مهيني ۾ رکيا وڃن ته اڃان وڌيڪ مناسب آهي. ([1])
چنڊ رات قافلن ۾ سفرڪرڻ جي ترغيب
پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان شريف جو مهينو هاڻي ڪجهه ڏينهن جو مهمان رهجي ويو آهي ۽ عنقريب اسان کان رخصت ٿيڻ وارو آهي۔ پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! چنڊ رات جي آمد ٿيندي. الحمدلله! هر سال اعتڪاف جي سعادت حاصل ڪرڻ وارا خوش قسمت اسلامي ڀائر ۽ ٻين عاشقانِ رسول جو هڪ تعداد پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش جي مقدس جذبي سان سرشار ٿي هن رات قافلن ۾ سفر ڪندا آهن۔ هُونئن ته هي ڏاڍو مشڪل ڪم آهي پر ياد رکو نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ ان راهه ۾ مشقت برداشت ڪرڻ سنتِ انبياء آهي * انبياءِ ڪرام * صحابهءِ ڪرام * نيڪ ٻانها نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ پنهنجن گهرن کان نڪرندا هئا ۽ * دور دراز علائقن ۾ ويندا هئا * پنهنجي ڳوٺ ۽ وطن مان هجرت ڪندا هئا * ۽ مشقتون برداشت ڪري دين جو پيغام عام ڪندا هئا * اڳين جي قربانين جي ڪري ئي اسان تائين دين پهتو آهي۔
توهان به چنڊ رات قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي نيت ڪري وٺو!