Book Name:Jahannam Ke Azabat
تائين وهي اچن ته قيامت جي ڏينهن هو ذلت کان محفوظ رهندو۔ جيڪڏهن ڪو شخص ڪجهه ماڻهن جي وچ ۾ خوفِ خدا سبب روئي ته الله پاڪ ان جي برڪت سان ٻين ماڻهن تي به رحم فرمائيندو آهي۔ وڌيڪ فرمائن ٿا: ڳوڙهن کان سواءِ هر عمل جو وزن ڪيو ويندو، جڏهن ته صرف هڪ ڳوڙهو باهه جي سمنڊن کي وسائي ڇڏيندو۔([1])
مرے اشک بہتے رہیں کاش ہر دم ترے خوف سے یاخدا یا الٰہی
ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ میں تھرتھر رہوں کانپتا یا الٰہی ([2])
خوفِ خدا سبب روئڻ جي عادت ڪيئن بڻايون
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته خوفِ خدا سبب روئڻ جهنم کان بچائڻ وارو عمل آهي۔ ڪاش! اسان کي خالص الله پاڪ جي رضا جي لاءِ خوفِ خدا سبب روئڻ نصيب ٿي وڃي.
روزانو تنهائي ۾ ۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ته قبرستان وڃي اکيون بند ڪري ويهو، پنهنجي ڪمزوري ۽ ناتواني جو تصور ڪريو، پنهنجن گناهن کي ياد ڪريو ۽ سوچيو ته هاءِ! جيڪڏهن گناهن تي پڪڙ ٿي وئي، الله پاڪ مون کان ناراض ٿي ويو ته مان ڇا ڪندس؟ افسوس! عنقريب حضرت ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تشريف کڻي ايندا، منهنجو روح قبض ڪيو ويندو، پوءِ جلد ئي