Book Name:Ayat e Durood Shareef
سُبْحٰنَ اللہ! جڏهن جنت نورِ مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم مان بڻي ته درودِ پاڪ جو تمام گهڻو شوق رکي ٿي، اسان به ته ان ئي نور مان بڻايا ويا آهيون، اسان کي به گهرجي ته درودِ پاڪ سان محبت ڪريون ۽ خوب، ذوق و شوق سان درودِ پاڪ پڙهندا رهون.
قرآنِ ڪريم ۾ هڪ تمام اطمينان بخش آيت آهي، ارشاد ٿئي ٿو:
لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَةِ اللّٰهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ یَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِیْعًاؕ-
ترجمو ڪنزُ العرفان: الله جي رحمت کان مايوس نه ٿجو. بيشڪ الله سمورا گناھ بخشي ڇڏيندو آهي، (سيپارو: 24، الزمر: 53)
هيءَ ڪهڙي نه ايمان افروز آيت آهي، ته جيتوڻيڪ ٻانهي جا گناهه ايترا هجن جو انهن سان زمين ۽ آسمان ڀرجي وڃن، ان جي باوجود کيس آٿت ۽ تسلي ڏني وئي ته گهٻراءِ نه، الله جي رحمت مان نااميد نه ٿيو! بيشڪ الله تعاليٰ سڀني گناهن کي بخشڻ وارو آهي.
هاڻي هي ڪيڏي ايمان افروز آيت آهي ۽ ڪيڏي اطمينان بخش عنايت آهي ته جيترا به گناهه هجن، نااميد ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، الله پاڪ بخشڻ وارو آهي. پر هتي غور ڪرڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته هي فضيلت، هي عنايت، هي اطمينان ڪنهن لاءِ آهي؟ ان ئي آيت جا ابتدائي لفظ ٻڌو! ارشاد ٿئي ٿو:
قُلْ
ترجموڪنزُالعرفان: اوهان فرمايو! (سيپارو: 24، الزمر: 53)