Book Name:Ayat e Durood Shareef
حکمِ حق ہے پڑھو درود شریف چھوڑو مت غافلو درود شریف
خود خدا بھیجتا ہے اُن پر درود تم بھی بھیجا کرو درود شریف
حضرت مصطفےٰ کا پیارا نام جب سنو تب پڑھو درود شریف([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا صَلُّوْا عَلَیْهِ وَ سَلِّمُوْا تَسْلِیْمًا(۵۶)
ترجموڪنزُالعرفان: اي ايمان وارؤ! ان تي درود ۽ خوب سلام موڪليو.
(سيپارو: 22، الاحزاب: 56)
هن مقام تي اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته محبوب ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود ۽ خوب سلام موڪليو! هن آيت مان دليل وٺندي علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: (1): زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو درود شريف پڙهڻ فرض آهي.[2] ۽ جنهن مجلس ۾ به پياري آقا، مڪي مدني مصطٰفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر پاڪ پاڻ ڪري يا ڪنهن کان ٻڌي، ان وقت درود پڙهڻ واجب آهي.[3] تنهنڪري جيڪو ذڪر پاڪ ڪري يا ٻڌي درود شريف نه پڙهي، اهو ترڪِ واجب جي