Book Name:Ayat e Durood Shareef
هي به سدل آهي.[1] ها! جيڪڏهن چادر جي هڪ پلاند کي وَٽُ ڏيئي ٻئي ڪلهي تي رکيو وڃي، جنهن کي ’ٻُڪل هڻڻ‘ چئجي ٿو، اهو سدل نه آهي. ياد رکو! نماز ۾ سدل مڪروهِ تحريمي (۽ گناهه) آهي ۽ ان سان نماز واجب الاعاده ٿي ويندي آهي (يعني اهڙي نماز کي ٻيهر پڙهڻ واجب آهي.[2] الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اسماء الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
یَاوَاحِدُ
جنهن کي اڪيلائي ۾ ڊپ لڳندو هجي اهو اڪيلائي ۾ یَاوَاحِدُ 1 هزار 1 ڀيرا پڙهي وٺي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي دل مان خوف هليو ويندو.[3] الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد