Book Name:Bila Hisab Jannat Delane Wale Aamal
خِرَد کرتی نہیں اب کام، اِلٰہی! میں ہُوا ناکام تجھی سے التجا ہے مجھ پہ کر رحم و کرم مولیٰ!
تُو بس رہنا سدا راضی، نہیں ہے تابِ ناراضی تُو ناخوش جس سے ہو برباد ہے تیری قسم مولیٰ! ([1])
اي عاشقانِ رسول! اُن گنهگار کي رب ڪريم بخشي ڇڏيندو، کيس گناهن جي باوجود جنت ۾ داخل ڪندو، يقيناً اِها سندس رحمت آهي پر غور ڪريو ته! معاملو ڪيڏو نه ڏکيو آهي، افسوس! قيامت جي ڏينهن بہانا نه هلندا، اڄ ته زبان هلائي ٻين جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي ڇڏيندا آهيون، ڪُوڙا بہانا (Lame Excuses) بڻائي دل خوش ڪري وٺندا آهيون، پاڻ کي ڪوڙي تسلي ڏيندا آهيون پر هاءِ! قيامت جي ڏينهن جڏهن ربَ قهار جي بارگاهه ۾ حاضري ٿيندي، گناهن سان ڀريل، سياھ اعمالنامو جڏهن هٿ ۾ ڏنو ويندو، ته ان وقت انڪار جي ڪا به صورت باقي نه رهندي، اسان جا پنهنجا ئي عضوا، اسان جا هٿ، اسان جا پير، اسان جي زبان، اسان جي چمڙي اسان جي ئي خلاف گواهي ڏئي رهيا هوندا، اهڙي حالت ۾ نجات حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو. يقيناً قابلِ رشڪ اهو آهي جنهن کي الله پاڪ پنهنجي رحمت سان جنت ۾ داخلا نصيب فرمائيندو.
حديث پاڪ ۾ آهي: رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ حُوْسِبَ عُذِّبَ يعني جنهن کان حساب ورتو ويندو، اهو عذاب ۾ گرفتار ٿي ويندو. ([2])
امتحاں کے کہاں قابِل ہوں میں پیارے اللہ! بےسبب بخش دے مولیٰ! ترا کیا جاتا ہے؟ ([3])
امام حَسَن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا ته حيرت ان ڳالهه تي نه آهي ته هلاڪ ٿيڻ وارو ڪيئن هلاڪ ٿيو؟ پر حيرت ته هن ڳالهه تي آهي ته نجات