Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

ادا ڪرڻ جو فڪر ستائڻ ته پري جي ڳالھ آهي، ماھِ رمضان ۾ به عبادت جي طرف دليون مائل ناهن ٿينديون، ڪاش! اسان کي صحيح معنٰي ۾ ماھِ رمضان جو قدر نصيب ٿي وڃي.

رمضان المبارڪ جي بي حُرمتي جو انجام

  علّامه اِبنِ جَوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: الله پاڪ جي آخري رسول، رسولِ مقبول
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: مون وٽ جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام حاضر ٿي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! قيامت جي ڏينهن هڪ نوجوان کي آندو ويندو، هو غمگين هوندو، روئي رهيو هوندو، ملائڪ ان کي باھ ۽ لوهي گُرزَن (IronRods) سان ان کي هڪلي رهيا هوندا، اهو نوجوان هڪ هزار سال تائين اَلاَمَان! اَلاَمَان! پڪاريندو رهندو پر ان کي اَمَان نه ڏني ويندي، پوءِ ان نوجوان کي هڪ هزار سال کان بعد رب قَهار جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو، الله پاڪ عذاب جي ملائڪن کي حڪم ڏيندو ته ان کي اوندهي منهن جهنم ۾ ڦٽو ڪيو! حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جو هي بيان ٻُڌي حضور اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي جبريل (عَلَيۡهِ السَّلَام)! اهو ڪير هوندو؟ عرض ڪيائين: يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! هي اوهان جو هڪ امتي هوندو. فرمايائون: ان جو گناھ ڪهڙو هوندو؟ عرض ڪيائين: يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! هي اهو بدنصيب هوندو، جنهن جي زندگي ۾ رمضان المبارڪ آيو پر ھن تَوبه ۽ اِستِغفَار جي بدران رمضان کي گُنَاهن ۾ گذاري ڇڏيو.[1]

   الله جي پناھ! الله جي پناھ! اي عاشقانِ رمضان! غور ته ڪريو! رمضان


 

 



[1] بستان الواعظین ،صفحہ:188 ۔