Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

  پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماھِ رمضان جي لاءِ فڪرمند ٿيندا هئا. مسلمانن جي پياري امڙ سانئڻ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: رمضانُ المبارڪ جي ايندي ئي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چهري جو رنگ بدلي ويندو هو.[1]

   علّامه عبدُ الرؤف مناوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن جي شرح ۾ لکن ٿا: رنگ مبارڪ تبديل ٿيڻ جو سبب خوف هو، يعني پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوف زده ٿي ويندا ها ته ڪٿي رمضانُ المبارڪ ۾ بندگي جو حق ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪَمي نه رهجي وڃي.[2]                                             

 الله! الله! پياريون اسلامي ڀينرون! غور فرمايو! بندگي ڇا آهي ۽ بندگي جا حقوق ڪهڙا آهن، هي سڀئي ڳالهيون دنيا کي رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي سيکاريون آهن، پاڻ هادي آهن، رهنما آهن، سندن ادائون ربَّ جو دين آهن، سندن فرمان ربّ جو فرمان آهي، پاڻ الله پاڪ جا محبوب آهن، رمضان مِليو ئي انهن جي صدقي ۾ آهي، ان جي باوجود پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو انداز ڪيڏو نرالو آهي، رمضانُ المبارڪ ايندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فڪر لاحق ٿي ويندو هو ته ڪٿي ماھِ رمضان ۾ بندگي جي حق ۾ گهٽتائي نه ٿي وڃي.

   هاءِ! هڪ اسان آهيون، اسان وٽ هاڻي دلين مان رمضانُ المبارڪ جو احترام گهٽ ٿيندو پيو وڃي، ڪيترائي اهڙا غافل مسلمان آهن جيڪي بغير شرعي مجبوري جي رمضانُ المبارڪ جا پهريان ته روزا رکندا ئي ناهن، هي ڪبيره گناھ، حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، هڪ چوري ٻيو سينه زوري هيئن ڪندا آهن جو * روزيدارن جي سامهون ئي کائيندا پيئندا آهن * ايستائين جو ڪجھ ته اهڙا بي بي خوف آهن جو سري عام پاڻي پيئندا بلڪه کاڌو کائيندي به ناهن شرمائيندا  افسوس! ماھِ رمضان ۾ اسان جو ڏينهن فضول ڪمن ۾ گذري ويندو آهي، راتيون گناھن ۾ گذري وينديون آهن، بندگي جو حق


 

 



[1] شُعَبُ الْایمان، جلد:3 ،صفحہ:310 ،حدیث:3625۔

[2] فیض القدیر ،جلد:5 ،صفحہ:168 ،تحت الحدیث:6681۔