Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat
ثواب نصيب ٿيندو. ياد رهي! قرآن پڙهيو وڃي ته ٻڌڻ فرض آهي ۽ رمضان ۾ فرض جو ثواب 70 ڀيرا وڌايو ويندو آهي، جيڪڏهن اسان اداءِ مصطفٰي کي ادا ڪندي قرآنِ ڪريم جو دور ڪنديون سين ته ان فرض جي ادائيگي ٿيندي ۽ الله پاڪ جي ڪرم سان 70 ڀيرا وڌائي ڪري ثواب جون حقدار ٿينديون سين.
ہرگھڑی رحمت بھری ہے ہر طرف ہیں برکتیں
ماہ ِ رَمضاں رحمتوں اور برکتوں کی کان ہے
آگیا رَمضاں عبادت پر کمر اب باندھ لو
فیض لے لو جلد یہ دن تیس کا مہمان ہے
(5): آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوب سخاوت فرمائيندا هئا
پياريون اسلامي ڀينرون! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رمضان جي بابرڪت معمولات مان هڪ هي به آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماھِ رمضان ۾ خوب ڪثرت سان سخاوت فرمائيندا هئا، روايتن ۾ايستائين اچي ٿو ته پاڻ رمضان مهيني ۾ تيز هوا کان به وڌيڪ سخاوت فرمائيندا هئا.[1] پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان جيڪو گهريو ويندو هو، عطا فرمائي ڇڏيندا هئا.[2]
سُبْحٰنَ اللہ! اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته سخين جا سردار آهن، رمضان هجي يا ڪو ٻيو مهينو ان دَر تان سخاوت جو دريا هميشه جاري رهندو آهي. البته! سخي آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سخاوت جو درياءِ وڌيڪ رمضان جي مهيني ۾ جوش تي هوندو هو. اسان کي به رمضان جي مهيني ۾ پنهنجي سخاوت وڌائڻ گهرجي، پهريان جيترو راھِ خُدا ۾ ڏينديون آهيون، رمضانُ المبارڪ ۾ ان کان وڌيڪ ڏيون، اسان جي معاشري ۾