Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ يعني سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

پياريون اسلامي ڀينرون! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿيون، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌنديس * اَدَب سان ويهنديس * بيان دروان سُستي کان بچنديس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌنديس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنديس۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

   پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هڪ ڀيرو ٻيهر ماھِ غفران، ماھِ نُزولِ قرآن، ربَّ جي مهمان، ماھِ رمضان جي آمد آمد آهي. ڪجھ ئي ڏينهن کان پوءِ اعلان ٿيندو: مبارڪ هجي رمضانُ المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو. هي اعلان ٻڌندي ئي عاشقانِ رمضان جون دليون خوشيءَ مان جهومڻ لڳنديون۔ چهرن تي تازگي (Freshness) اچي ويندي۔ تراويح جو سلسلو۔ فرض نمازون۔ ڪا نفلن جي ڪثرت ڪري رهي هوندي۔ ڪا تلاوتِ قرآن جي سعادت ماڻي رهي هوندي۔ سحري ۽ افطاري جون رونقون هونديون۔ روزانو (عصر ۽ تراويح کان بعد) 2 مدني مذاڪرن جي ذريعي فيضانِ رمضان ۽ علمِ دين خوب عام ٿي رهيو هوندو۔ ۽ اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! زندگي جو مزو ٻيڻو ٿي رهيو هوندو.

خُدا کی ہے عنایت ماہِ رمضان آنے والا ہے


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔