Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

ہو مرا کام غریبوں کی حمایت کرنا                                                                                                  دردمندوں سے، ضعیفوں سے محبت کرنا

  پياريون اسلامي ڀينرون! اسان پنهنجي غريب رشتيدارن سان حسن سلوڪ سان پيش اچون. انهن جو حاجتون پوريون ڪرڻ به حسنِ سلوڪ آهي. پنهنجي زڪوٰة. فطرو هاڻي کان انهن غريبن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. محرمن جي ذريعي انهن کي راشن ڏيو. کائڻ جو سامان ڏيو. انهن جي افطاري جو اهتمام ڪيو. الله ڪريم جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: يعني تنهنجو کاڌو نيڪ ماڻهوکائن،[1] دين جو علم حاصل ڪرڻ وارا، دين کي عام ڪرڻ وارا هن جا وڌيڪ حقدار آهن ته انهن کي پنهنجي زڪوٰة، فطرو، نفلي صدقا ڏنا وڃن ڇوته هي نيڪ انسان آهن انهن جي لاءِ کائڻ جو اهتمام ڪيو وڃي انهن جي افطاري ڪرائي وڃي.

عطيات (Donation)جي ترغيب

پياريون اسلامي ڀينرون!  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي. الله پاڪ جي فضل سان * دعوتِ اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ ديني خدمتون انجام ڏئي رهي آهي * دعوتِ اسلامي هن وقت تائين هزارين مسجدون، سوين فيضانِ مدينه (مدني مراڪز) بڻائي چڪي آهي * ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين (Boys & Girls) کي الڳ الڳ تعليمِ قرآن ڏيڻ جي لاءِ هينئر تائين تقريباً 10489 (10 هزار489) مدرسةُ المدينه قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ تقريباً 341821 (3 لک 41 هزار821) ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قرآنِ ڪريم حفظ ۽ ناظره جي مفت تعليم ڏني وڃي پئي. * نابينا ٻارن جي لاءِ به الڳ سان مدرسه قائم آهن. شروعات کان وٺي هاڻي تائين تقريباً 1،10،358 (هڪ لک، ڏھ هزار 358) ٻارن ۽ ٻارڙن حفظ قرآن مڪمل


 

 



[1] ابوداؤدکتاب الاطعمہ،باب ماجاء فی الدعا،صفحہ:607،حدیث3854