Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat
سان عبادت ڪرڻ جو سيزن آهي، ڏسو! اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عبادت تي سندرو ٻڌي تيار ٿي ويندا هئا يعني عام روٽين کان وڌيڪ عبادت فرمائيندا هئا.
اندازو لڳايو! آقا ڪريم، رؤف الرّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ هڪ گهڙي عام حالتن ۾ به نيڪيون ڪندي ئي گذرندي هئي ته رمضانُ المبارڪ ۾ عبادت جي ڪثرت ڪيتري قدر فرمائيندا هوندا. ٻئي پاسي اسان جو حال ڇا آهي...؟ عام ڏينهن جي عبادت به بَس ائين ئي آهي...!! خوش نصيب آهن، جيڪي پنج ئي نمازون پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون آهن، نه ته هڪ تعداد آهي جيڪي نمازِ کان به محروم رهنديون آهن.
بهرحال! اسان رمضان جي عبادت ۾ اضافو ڪنديون سين، پهريان 5 نمازون پڙهنديون هيون سين * هاڻي تراويح به پڙهنديون سين. * تهجد به شروع ڪنديون سين. * اشراق ۽ چاشت جا نوافل به پڙهنديون سين. * اوّابين جا نوافل به ادا ڪنديون سين * رات سمهڻ کان پهريان صلٰوةُ التّوبھ جا نفل به پڙهي ڪري سمهنديون سين. * اهڙيءَ طرح پهريان 313 ڀيرا دُرود شريف پڙهنديون هيون سين، رمضان شريف ۾ 1000 (هڪ هزار) ڀيرا پڙهنديون سين. * پهريان روزانو هڪ سيپارو تلاوت ڪندا هيون سين، رمضانُ المبارڪ ۾ 2 سيپارا تلاوت ڪنديون سين، ايئن اسان جي عام ڏينهن ۾ جيڪا روٽين آهي رمضانُ المبارڪ ۾ ان ۾ اضافو هئڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي.
رمضانُ المبارڪ جون 2 اهم عبادتون
مسلمانن جي امڙ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: جڏهن رمضان ايندو هو ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نمازن جي ڪثرت فرمائيندا ۽ خوب روئي