Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat
ہوئی مولیٰ کی رحمت، ماہِ رمضان آنے والا ہے
خُوشی سے جھومتا ہے دِل، مچی ہے قلب میں ہلچل
مِلی عاشق کو فرحت، ماہِ رمضان آنے والا ہے[1]
پياريون اسلامي ڀينرون! رمضانُ المبارڪ جو به ڇا ته نرالو شان آهي...!! اهو ئي مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ انسانيت جي هدايت جي لاءِ آخري آسماني ڪتاب يعني قرآنِ ڪريم نازل ٿيو: الله پاڪ فرمائي ٿو:
شَہۡرُ رَمَضَانَ الَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ فِیۡہِ الۡقُرۡاٰنُ ہُدًی لِّلنَّاسِ وَ بَیِّنٰتٍ مِّنَ الۡہُدٰی وَ الۡفُرۡقَانِ ۚ فَمَنۡ شَہِدَ مِنۡکُمُ الشَّہۡرَ فَلۡیَصُمۡہُ ؕ
(سيپارو: 2، سورة بقرة: 185)
ترجموڪنزالعرفان: رمضان جو مهينو آهي جنهن ۾ قرآن نازل ڪيو ويو جيڪو ماڻهن جي لاءِ هدايت ۽ رهنمائي آهي ۽ فيصلي جي روشن ڳالهين (تي مشتمل آهي) پوءِ توهان مان جيڪو اهو مهينو ماڻي ته ضرور ان جا روزا رکي.
پياريون اسلامي ڀينرون! اسان سيپارو: 2، سورة بقرة جي آيت نمبر 185 جو هڪ حصو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هن آيتِ ڪريمه ۾ رمضانُ المبارڪ جو هڪ خصوصي تَعارف پيش ڪيو ويو ته فرض روزن جي لاءِ هڪ مهينو مخصوص آهي ۽ اهو مبارڪ مهينو ماھِ رمضان آهي.
پياريون اسلامي ڀينرون! ماھِ رمضان ماڻي وٺڻ، رمضانُ المُبارڪ جي بابرڪت، مُقدس گهڙين تائين پهچي وڃڻ نهايت سعادت جي ڳالھ آهي. تمام وڏي مرتبي