Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat
ڪئي ۽ بعد ۾ فرمايائون هن تي پابندي ڪئي وئي ته فرض ٿي وڃڻ جو انديشو آهي، جنهن سان منهنجي امّت کي ڏکيائي ٿيندي. تنهنڪري توهان پنهنجي گهر ۾ ئي نماز پڙهي وٺندا ڪيو! بعد ۾ (مسلمانن جي ٻئين خليفي) حضرت عُمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه نمازِ تراويح جو اهتمام فرمايو ۽ 20 رڪعتون تراويح باقاعده جماعت سان گڏ پڙهڻ جو اهتمام فرمايو.[1]
پياريون اسلامي ڀينرون! تراويح رمضانُ المبارڪ جي خاص عبادت آهي، نفل به سڄو سال پڙهجي سگهجن ٿا، تلاوت به ٿي سگهي ٿي، نفلي اعتڪاف به ڪري سگهجي ٿو پر تراويح صرف ۽ صرف رمضان ۾ ئي پڙهي ويندي آهي، تنهنڪري تراويح ۾ بلڪل به سستي نه ڪرڻ گهرجي. ياد رکو! رمضانُ المبارڪ ۾ تراويح پڙهڻ سنّتِ مؤڪده آهي.[2] سيدي اعلي حضرت فتاويٰ رضويه شريف ۾ فرمائن ٿا سُنّتِ مؤڪده جي ترڪ جي عادت بڻائي وٺڻ گناھ آهي.[3] تراويح جا وڌيڪ مسئلا ۽ فضائل ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ڪتاب فيضان رمضان جي باب فيضان تراويح جو مطالعو ڪيو. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! معلومات جو خزانو هٿ ايندو.
(4): قرآنِ ڪريم جو دور فرمائيندا هئا
پياريون اسلامي ڀينرون! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ماھِ رمضان جي معمولات مان هڪ هي به آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضان ۾ تلاوت جي خوب ڪثرت ڪندا هئا بلڪه صحابيءِ رسول حضرت ابنِ عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْه