Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْهنا فرمائن ٿيون: جڏهن رمضانُ المبارڪ ايندو هو ته پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عبادت ۾ تمام گهڻو مشغول ٿي ويندا هئا.[1]

  سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پياريون اسلامي ڀينرون! ڇا ته شان آهي اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو...!! ڪاش! اسان به پنهنجي ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حسين ادا اپنايون، جيئن ئي رمضانُ المبارڪ اچي صرف عبادت ۾ مشغول ٿي وڃون، پورو رمضان جو مهينو خوب مضبوطي سان عبادت ڪيون.

عبادت میں  ، ریاضت میں  ، تلاوت میں   لگا دے دل

مہِ رمضان کے صدقے میں فرمادے کرم مولیٰ!

رمضان نيڪين جو   سيزن  آهي

   پياريون اسلامي ڀينرون! رمضان جو مهينو نيڪين ڪرڻ جو مهينو آهي پر افسوس! اسان وٽ رمضان ۾ ماڻهو پنهنجيون مصروفيتون وڌائي ڇڏيندا آهن. رمضانُ المبارڪ ڪاروباري حضرات جي لاءِ ڪمائي جو مهينو هوندو آهي، ماھِ رمضان ۾ بازارن ۾ رش وڌي ويندي آهي، جوتن، ڪپڙن جي دڪانن تي تمام گهڻي رش لڳندي آهي، ايئن دڪاندارن جي مصروفيت به وڌي ويندي آهي. معاذَالله! ڪجھ نادان انهيءَ مصروفيت سبب فرض روزا به ترڪ ڪري ڇڏيندا آهن، نمازون ڇڏي ڏيندا آهن.

  هاءِ! افسوس اسان عيدالفطر جي هڪ ڏينهن جي لاءِ پورو رمضان تياري ڪنديون آهيون پر رمضانُ المبارڪ جو پورو مهينو ڪيئن گذارڻو آهي، ان جي تياري هڪ ڏينهن به ناهيون ڪنديون. رمضانُ المبارڪ واقعي سيزن آهي پر مال ڪمائڻ جو نه بلڪه هي نيڪين ڪمائڻ جو سيزن آهي نهايت مضبوطيءَ


 

 



[1] شُعَبُ الْایمان، جلد:3 ،صفحہ:310 ،حدیث:3624.