Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat
المبارڪ ۾ گُنَاھ ڪري هن مقدّس مهيني جي بي حرمتي(Dis-respect) ڪرڻ ڪيترو نقصانده آهي...! رمضان المبارڪ جي بي قدري ڪرڻ واريون هن مان عبرت حاصل ڪن، ٿورو غور ته ڪن...! اسان ڪيستائين هن دنيا ۾ زندھ رهندايون سين؟
ایک دن مرنا ہے آخر موت ہے کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے
هڪ ڏينهن حضرت عزرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام ايندو، اسان جو مال، اسان جي دولت، اسان جا رشتيدار (Relatives) اسان جو اَولاد، دوست احباب، ڪجھ به ڪم نه ايندو، سڀ ڏسندا رهجي ويندا، افسوس! اسان جي جسم مان رُوح ڪڍيو ويندو، پوءِ غَسَّال کي گھرايو ويندو، ڪفن پارايو ويندو، افسوس! صد ڪروڙ افسوس! پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي جنازي نماز ادا ڪري اسان کي اونداھي قبر ۾ لاٿو ويندو۔ الله نه ڪري! الله نه ڪري! * جيڪڏهن اسان رمضان جون راتيون گُنَاهن ۾ گذاري ڪري * فضوليات ۾ مشغول رهي رمضان المبارڪ جي بي حُرمتي ڪئي هوندي * جيڪڏهن رَبّ ناراض ٿي ويو * ان جي سبب قبر ۾ اسان جي پڪڙ ٿي وئي * قيامت جي ڏينهن پڪڙ ٿي وئي، ته سوچيو! اسان جو ڇا ٿيندو؟ * خدانخواسته الله پاڪ جي رحمت نه ملي * شافِعِ محشر، سلطانِ بحر و بَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت کان محروم رهجي وياسين ته ڇا ڪنديون سين؟
تُو بس رہنا سدا راضی،نہیں ہے تابِ ناراضی تُو ناخوش جس سے ہو بربادہے تیری قسم مولیٰ!
عطا کر عافیت تو نَزْع و قَبْر وحَشْر میں یاربّ! وسیلہ فاطِمہ زَہرا کا کر لطف و کرم مولیٰ!
میں رحمت ، مغفِرت ،دوزخ سے آزادی کي سائل ہوں مہِ رمضان کے صدقے میں فرمادے کرم مولیٰ !