Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

فرمائن ٿا: هر سال رمضانُ المبارڪ جي هر رات حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام حاضرِ خدمت ٿيندا هئا، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملائڪن جي سردار حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام سان قرآن ڪريم جو دور فرمائيندا هئا.[1]

  معلوم ٿيو: رمضانُ المبارڪ ۾ قرآنِ ڪريم جو دور ڪرڻ به سنّتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي. دور جو مطلب آهي: هڪ پڙهي، ٻيو ٻُڌي، وري ٻيو پڙهي، پهريون ٻُڌي. حافظَ سڳورا ته عموماً دور ڪندا آهن. خاص تراويح ۾ جيڪو سيپارو پڙهڻو هوندو آهي، ان جو دور ڪندا آهن، ان سان حفظ پڪو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن حفظ ناهي ڪيو ته ڇا ٿي پيو؟ اسان هاڻي کان حفظ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون، مڪمل قرآن ڪريم نه ته ڪم از ڪم سوره ياسين، سوره رحمٰن، سوره ملڪ، سوره واقعه ۽ سوره مزمل ئي ياد ڪري وٺون. جيڪڏهن هي ياد آهن ته اسان وڌيڪ اضافو ڪري ننڍيون سورتون ياد ڪيون. هي سورتون حفظ ڪندي جيڪڏهن انهن جا فضائل ذهن ۾ رهندا ته ذوق ۾ اضافو ٿيندو جيئن. سوره ياسين شريف کي قرآن جي دل. سوره رحمٰن کي قرآن ڪريم جي زينت چيو ويو آهي ۽ . سوره ملڪ جي تلاوت قبر جي عذاب کان نجات ڏياريندي آهي. سوره واقعه جي تلاوت رزق ۾ اضافي جو سبب بڻجندي آهي. بهرحال! اسان کي به گهرجي ته ان اداءِ مصطفٰي کي ادا ڪيون، گهر ۾ 2 ڀينرون ملي وڃن، ڀيڻ ڀاءُ ملي ڪري دور ڪن، ماءُ پٽ بلڪه زال مڙس به ملي ڪري دور ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن حفظ ناهي ڪيو تڏهن به ڪا ڳالھ ناهي، ٻئي پنهنجي سامهون قرآن کولين، هڪ مٿان کان ڏسي پڙهي ۽ ٻيو ڏسي ڏسي ڪري ٻڌندو وڃي، پوءِ ٻيو ڏسي ڪري پڙهي، پهريون ڏسي ڪري ٻڌندو وڃي. هن طرح اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! قرآنِ ڪريم پڙهڻ جو به ثواب ملندو ۽ گڏوگڏ ٻڌڻ جو به


 

 



[1] بخاری ،کتاب بدء الوحی،صفحہ:67 ،حدیث:6۔