Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat
وارا صحابيءِ رسول حضرت طلحه بن عبيد الله رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري 2 شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، ٻنهي ڪلمو پڙهيو ۽ صحابيت جي درجي تي فائز ٿي ويا، (ٻئي نيڪ، پرهيزگار هئا، البت) انهن مان هڪ عبادت ۽ رياضت ۾ تمام گهڻي محنت ڪندو هو، جيئن ته جيڪو گهڻو عبادت گذار هو، اهو هڪ ڀيري ڪنهن جنگ ۾ شريڪ ٿيو ۽ شهيد ٿي ويو. پوءِ هڪ سال کان بعد ٻئي صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جو به انتقال ٿي ويو.
حضرت طلحه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: انهن ٻنهي جي دنيا مان وڃڻ کان بعد هڪ رات مون خواب ڏٺو، ڇا ٿو ڏسان ته مان جنّت جي دروازي تي بيٺو آهيان، اهي ٻئي صحابيءِ رسول رَضِىَ اللهُ عَنْهما به اتي ئي موجود هئا، ايتري ۾ جنّت جي اندران ڪو ٻاهر آيو ۽ اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جنهن جو انتقال هڪ سال بعد ۾ ٿيو هو، ان کي وٺي ڪري جنّت ۾ هليو ويو، ڪجھ دير کان پوءِ وري ٻاهر آيو ۽ اهو صحابي جيڪو هڪ سال پهريان شهيد ٿيو هو، هن ڀيري ان کي وٺي ڪري جنّت ۾ داخل ٿي ويو.
صبح ٿيو ته حضرت طلحه رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجو خواب صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي ٻڌايو، سڀئي حيران هئا، جڏهن هيءَ ڳالھ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تائين پهتي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي صحابه! توهان کي حيراني ڪهڙي ڳالھ تي آهي؟ عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! هڪ صحابي گهڻو عبادت گذار هو، پوءِ کيس شهادت جو رتبو مليو، ان جي باوجود هُو بعد ۾ جنّت ۾ داخل ٿيو ۽ ٻيو صحابي جنهن جو انتقال هڪ سال کان پوءِ ٿيو، اهو پهريان جنّت ۾ داخل ٿي ويو، ان جو ڇا سبب آهي؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا اهو صحابي هڪ سال وڌيڪ زندھ نه رهيو؟ عرض ڪيائون: جي ها! رهيو... پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا ان