Sadqa Ke Fazail o Adaab

Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

قارون جي هڪ باطني بيماري

   قارون وڏو مالدار هو، ان جيترو مالدار اڄ به شايد دنيا ۾ نه هجي، ان جو خزانو نه بلڪه ان جي خزاني جون صرف چاٻيون ڪيئي اُٺن تي رکيون وينديون هيون، اهو مال جي آفت ۾ مُبتلا ٿيو، ان الله پاڪ جي نبي حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي گستاخي به ڪئي، الله پاڪ جي احڪام جي نافرماني به ڪئي، آخر ان کي زمين ۾ غرق ڪيو ويو، الله پاڪ فرمائي ٿو:

فَخَسَفۡنَا بِہٖ وَ بِدَارِہِ  الۡاَرۡضَ   فَمَا  کَانَ لَہٗ  مِنۡ فِئَۃٍ  یَّنۡصُرُوۡنَہٗ  مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ   وَ مَا  کَانَ مِنَ الۡمُنۡتَصِرِیۡنَ (۸۱)

(سيپارو: 20، سورة قصص: 81)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ اسان ان کي ۽ ان جي گهر کي زمين ۾غرق ڪري ڇڏيو سو ان وٽ ڪا جماعت نه هئي جيڪا الله جي مقابلي ۾ ان جي مدد ڪري ها ۽ نه اهو پاڻ (پنهنجي) مدد ڪري سگهيو.

   قارون مال جي محبت ۽ حرص ۽ هَوس ۾ اچي ڪري ڪيئي غلط ڪمَ ڪيا پر ان جي اصل بيماري تي غور ڪيو! اها ڪهڙي باطني بيماري هئي، جنهن سبب قارون مال جي آفت ۾ مُبتلا ٿيو ۽ الله پاڪ جي قهر ۽ غضب جو شڪار ٿي ويو، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ان جي باطني بيماري جو ذڪر ڪيو. ارشاد ٿئي ٿو:

قَالَ  اِنَّمَاۤ   اُوۡتِیۡتُہٗ  عَلٰی  عِلۡمٍ عِنۡدِیۡ ؕ    (سيپارو: 20، سورة قصص: 78)

ترجمو ڪنزالعرفان: (قارون) چيو: هي ته مونکي هڪ علم جي ذريعي مليو آهي جيڪو مون وٽ آهي.

   قارون جو مڃڻ هو ته هي جيترو مال ۽ دولت ۽ خزانو آهي، هي سڀ منهنجي ذاتي ملڪيت آهي، منهنجي محنت جو نتيجو آهي، مان هڪ علم ڄاڻان ٿو ان علم جي بدولت مون کي هي سڀ مليو آهي، بَس ان کي انهيءَ بُري سوچ ۽