Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
(1-2): تڪليف ڏيڻ ۽ احسان جَتائِڻ کان بچو!
صدقي جا پهريان 2 آداب هي آهن ته انسان صدقو ڏي ته جنهن کي صدقو ڏنو آهي، (1): نه ان کي تڪليف پهچائي، (2): نه ئي احسان جتائي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
اَلَّذِیۡنَ یُنۡفِقُوۡنَ اَمۡوَالَہُمۡ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ثُمَّ لَا یُتۡبِعُوۡنَ مَاۤ اَنۡفَقُوۡا مَنًّا وَّ لَاۤ اَذًی ۙ لَّہُمۡ اَجۡرُہُمۡ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ ۚ وَ لَا خَوۡفٌ عَلَیۡہِمۡ وَ لَا ہُمۡ یَحۡزَنُوۡنَ (۲۶۲) قَوۡلٌ مَّعۡرُوۡفٌ وَّ مَغۡفِرَۃٌ خَیۡرٌ مِّنۡ صَدَقَۃٍ یَّتۡبَعُہَاۤ اَذًی ؕ وَ اللّٰہُ غَنِیٌّ حَلِیۡمٌ (۲۶۳)
(سيپارو: 3، سورة بقرة: 262_ 263)
ترجموڪنزالعرفان: اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن پوءِ پنهنجي خرچ ڪرڻ کان بعد نه احسان جتائيندا آهن ۽ نه تڪليف ڏيندا آهن انهن جو انعام انهن جي رب وٽ آهي ۽ انهن تي نه ڪو خوف هوندو، ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. چڱي ڳالهه چوڻ ۽ معاف ڪرڻ ان خيرات کان بهتر آهي جنهن کان بعد ستائڻ هجي ۽ الله بي پرواهه، بردبار آهي.
معلوم ٿيو: جيڪي ماڻهو الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ ۽ ثواب ڪمائڻ جي لاءِ صدقو ۽ خيرات ڪن ٿا، الله پاڪ جي راھ ۾ پنهنجو مال ڏين ٿا، پوءِ جيڪڏهن جنهن کي صدقو ڏنو آهي، نه ان کي تڪليف ڏين، نه احسان جتائين ته انهن جي لاءِ الله پاڪ وٽ وڏو اجر ۽ ثواب آهي، اهو قيامت جو هولناڪ ڏينهن جڏهن سج باھ وَسائي رهيو هوندو، ٽامي جي زمين باھ جيان ٽهڪي رهي هوندي، ماڻهو پنهنجي ئي پگهر ۾ غوطا کائي رهيا هوندا، نفسي نفسي جو عالَم هوندو، ان ڏينهن راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ ۽ احسان جتائڻ کان بچڻ واري کي نه ڪو غم هوندو، نه خوف هوندو.
احسان جتائڻ ۽ تڪليف ڏيڻ جون مختلف صورتون