Sadqa Ke Fazail o Adaab

Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

هوندو آهي ناقابِلِ استعمال ۽ خراب قِسم جو ڏيندا آهن. انهن جي لاءِ هن آيت ۾ عبرت آهي.[1]

خراب جي بدلي خراب

   پنهنجي دؤر جا ابدال حضرت ابو جعفر بن خطاب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا، منهنجي دروازي تي هڪ سائل (يعني سواليءَ) صدا هنئي مون گهرواريءَ کان پُڇيو ته ڇا تو وٽ ڪجهه آهي؟ جواب مليو چار آنا آهن مون چيو، فقير کي ڏئي ڇڏيو، انهن ڏئي ڇڏيا. سائل آنا وٺي هليو ويو، اڃان ٿوري دير مس گذري ته مون وٽ هڪ دوست آنن سان ڀريل هڪ ٽوڪري موڪلي. مون گهران پُڇيو، هن ۾ ڪل ڪيترا آنا آهن؟ انهن چيو: 30.، مون چيو: توهان ته فقير کي 4 آنا ڏنا هئا، هي 30 ڪهڙي حساب سان آيا! چوڻ لڳيون 30 آنا صحيح آهن ۽ باقي 10 ڀڳل آهن، حضرت شيخ علامه يافعي يَمني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا، ڪجهه ماڻهو هن حڪايت جي متعلق بيان ڪن ٿا ته سائل کي جيڪي آنا ڏنا ويا هئا انهن مان ٽي صحيح ۽ هڪ ڀَڳل هيو. رب تعاليٰ هر هڪ جي بدلي ۾ ڏهه ڏهه عطا فرمايا. صحيح جي بدلي صحيح ۽ ڀڳل جي بدلي ڀڳل.[2]  الله پاڪ اسان کي بهترين شيون ڏيڻ، خوب دل کولي ڪري صدقي جي آداب جو لحاظ رکندي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عطيات (Donation)جي ترغيب

   پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي. الله پاڪ جي فضل سان * دعوتِ


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان،پارہ:3 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:167 ،جلد:1 ،صفحہ:404۔

[2] روض الریاحین ،الحکایۃ الخامسۃ و العشرون بعد الثلاثمائمۃ …الخ،صفحہ:262۔