Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
جبلن کان به وڌيڪ سخت ۽ مضبوط ڪا مخلوق پيدا فرمائي آهي؟ الله پاڪ فرمايو: ها! اهو لوھ آهي، انهن عرض ڪيو: الهي! ڇا تو لوھ کان به وڌيڪ مضبوط ڪا مخلوق بڻائي آهي؟ فرمايو: ها! اها باھ آهي. ملائڪن عرض ڪيو: مولا! ڇا باھ کان به وڌيڪ مضبوط ڪا مخلوق پيدا فرمائي آهي؟ ارشاد ٿيو: اهو پاڻي آهي. ملائڪن عرض ڪيو: اي ربّ! ڇا ڪا مخلوق پاڻي کان به وڌيڪ طاقتور پيدا فرمائي آهي؟ ارشاد فرمايو: اها هوا آهي. پوءِ اهي وري عرض ڪرڻ لڳا: اي پروردگار! ڇا هوا کان به وڌيڪ سخت ڪنهن مخلوق کي پيدا فرمايو آهي؟ الله پاڪ فرمايو: ها اهو انسان آهي جو جڏهن ساڄي هٿ سان صدقو ڪري ته ان کي کاٻي هٿ کان لِڪائي.[1]
مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اهڙو (پوشيده) صدقو ڪرڻ وارو سخي ان سرڪش نفس کي تابعدار ڪري وٺندو آهي جيڪو جبل کان وڌيڪ سخت، سمنڊ ۽ هوا کان وڌيڪ طوفاني آهي، نفس پهريان ته بخل سيکاريندو آهي جڏهن سخاوت ڪئي وڃي ته ڏيکاءَ کي پسند ڪندو آهي، هي خفيه سخاوت ڪرڻ وارو نفس جي ٻنهي خواهشن کي لتاڙي ڇڏيندو آهي ۽ نفس جي باھ کي وسائي ڇڏيندو آهي لهٰذا وڏو بهادر آهي، خفيه صدقي سان غضبِ الهي جي باھ وسامندي آهي، ربّ جي رضا حاصل ٿيندي آهي، هي نعمتون جبل، لوھ، باھ، پاڻي، هوا کان حاصل نه ٿيون ٿي سگهن، تنهنڪري هي صدقو انهن سڀني کان بهتر آهي.[2]
الله پاڪ اسان کي رياڪاري جي آفت کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .