Sadqa Ke Fazail o Adaab

Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

   پياريون اسلامي ڀينرون! ان ۾ اهي غور ڪن جيڪي صدقو ۽ خيرات ته ڪندا آهن، الله پاڪ جي راھ ۾ مال ته خرچ ڪندا آهن پر پوءِ ويچارن غريبن کي ستائيندا رهندا آهن، انهن کي طعنا مهڻا ڏيندا رهندا آهن ته * تون غريب هئين * مفلس ۽ مجبور هئين * نالائق  هئين * مون ئي توکي مال ڏنو * تون منهنجي ٽڪرن تي پلجي رهيو آهين * ائين ئي جيڪي ويچارن غريبن جون تصويرون يا وڊيوز ٺاهي ڪري سوشل ميڊيا تي رکندا * پوسٽ ٺهرائيندا يا اخبارن ۾ ڇپرائيندا آهن، انهن کي غور ڪرڻ گهرجي، ان وقت جي واھ واھ جي خاطر ڪيتري وڏي ثواب کان محرومي جو سامان ڪري رهيا آهن. الله پاڪ اسان کي خالص الله پاڪ جي رضا جي خاطر ثواب جو اميدوار ٿي ڪري راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

احسان جتائڻ گناه آهي

 ياد رکو! (1): احسان جتائڻ ڪبيره گناھ، حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.[1] (2): صدقو ڏئي ڪري احسان جتائڻ سان صدقي جو ثواب ضايع ٿي ويندو.[2] (3): احسان جتائڻ سان عام طور مسلمان (يعني جنهن کي صدقو وغيره ڏنو، ان) جي دل آزاري به ٿي ويندي آهي، تنهنڪري احسان جتائڻ جي گناھ کان توبھ جي لاءِ ان شخص کان معافي گهرڻ به ضروري آهي، نه ته توبھ مڪمل نه ٿيندي.

(3): رياڪاري کان بچو!

   صدقي جو ٽيون ادب هي آهي ته صدقي ۽ خيرات ۾ نيّت سُٺي رکي وڃي، صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ صدقو ڪيو وڃي،


 

 



[1] تبیین المحارم ،الباب الثالث و العشرون …الخ،صفحہ:134ملتقطًا۔

[2] فیض القدیر ،جلد:2 ،صفحہ:317 ،تحت الحدیث:1769۔