Sadqa Ke Fazail o Adaab

Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿي. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                             جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

سرمو پائڻ جون سنّتون ۽ آداب

   فرمانِ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم : سڀني سُرمن مان بهتر سرمو اِثمد آهي ڇوته هي نگاھن کي روشن ڪندو ۽ پلڪون وڌائيندو آهي.[2]

   پياريون اسلامي ڀينرون! * پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي ۽ * ڪارو سرمو يا ڪجَل زينت جي نيّت سان (يعني خوبصورتي جي نيّت سان) مرد کي پائڻ مڪروھ آهي ۽ زينت مقصود نه هجي ته ڪراهت ناهي. * سرمو رات جو سمهڻ وقت استعمال ڪرڻ سنّت آهي * سرمو استعمال ڪرڻ جا 3 منقول طريقن جو خلاصو پيشِ خدمت آهي: (1): ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرايون (2): ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي سرايون ۽ کاٻي اک ۾ 2 (3): ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ پوءِ آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي ئي واري واري سان اکين ۾ لڳايو اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ٽنهي طريقن تي عمل ٿيندو رهندو.

پياريون اسلامي ڀينرون! ادب ۽ تعظيم جا جيترا به ڪم آهن سڀ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا، تنهنڪري پهريان ساڄي اک ۾


 

 



[1] تاریخ  مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] ابن ماجہ، کتاب الطب، باب:الکحل بالاثمد، صفحہ:566، حدیث:3497۔