Sadqa Ke Fazail o Adaab

Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

ڪنهن به ٽاريءَ کي پڪڙيندو آهي الله پاڪ ان کي جهنّم ۾ داخل فرمائي ڇڏيندو آهي، ٻڌو! بخل ناشڪري آهي ۽ ناشڪري جهنّم ۾ داخل ٿيڻ جو سبب آهي.[1]

ماڻهو پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو

   حضرت عُقبه بن عامر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي آهي ته شهنشاھِ مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هر شخص (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو ايستائين جو ماڻهن جي وچ ۾فيصلو ڪيو ويندو.[2]

بصر ئي صدقو ڪري ڇڏي ها

 حضرت يزيد بن ابو حبيب کان مروي آهي ته حضرت مَرۡثَد بن ابو عبدُ الله اهلِ مصر مان اهو پهريون شخص هو جيڪو شام جي وقت مسجد ۾ ويندو هو، راوي چئي ٿو ته مان کيس جڏهن به مسجد ۾ ويندي ڏسندو هيس ته سندن هٿ ۾ صدقو ڪرڻ جي لاءِ پيسا يا ماني وغيره ڪجھ نه ڪجھ ضرور هوندو هو. هڪ ڀيري مون انهن کي ڏٺو: هٿ ۾ بصر کڻي وڃي رهيا آهن. مون عرض ڪيو: اي ابو الخير! هي بصر اوهان جي ڪپڙن کي بدبودار ڪري ڇڏيندو. فرمايائون: اي ابو حبيب جا پٽَ! مون وٽ صدقو ڪرڻ جي لاءِ ٻيو ڪجھ نه هو ۽ مونکي هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه حديثِ پاڪ بيان فرمائي ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مومن جو ڏنل صدقو قيامت جي ڏينهن ان تي ڇانوَ هوندو. (بَس مان ان حديثِ پاڪ تي عمل ڪرڻ جي لاءِ بصر ئي کڻي آيُس).[3]

میرے کاسے میں تو اک سوت کی اٹّی بھی نہ تھی

نام لکھوا دیا یوسف کے خریداروں میں


 

 



[1] البخلاء للخطیب البغدادی ، وصف رسول اللہ …الخ، صفحہ:48 ،حدیث:17۔

[2] مسندِ امام احمد، جلد:7 ،صفحہ:189 ،حدیث:17796۔

[3] صحیح ابنِ خزیمہ ،کتاب الزکاۃ ،باب اظلال الصدقۃ صاحبہا …الخ،صفحہ:560 ،حدیث:2432