Sadqa Ke Fazail o Adaab

Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

وَ اَنۡفِقُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ لَا تُلۡقُوۡا بِاَیۡدِیۡکُمۡ  اِلَی التَّہۡلُکَۃِ ۚۖۛ      (سيپارو: 2، سورة بقرة: 195)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ الله جي راھ ۾ خرچ ڪريو ۽ پنهنجي هٿن سان پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجھو.

   يعني راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ بند ڪري يا گهٽ ڪري پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو. روايتُن ۾ اچي ٿو: انصار صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا، هڪ سال انهن کي تنگدستي جو منهن ڏسڻو پيو ته انهن راھِ خُدا ۾ صدقو ۽ خيرات کي روڪي ڇڏيو، ان تي هي آيت نازل ٿي.[1] ۽ فرمايو ويو ته راھِ خُدا ۾ مال خرچ ڪرڻ بند يا گهٽ ڪري پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو!

پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو: راھِ خُدا ۾ خرچ نه ڪرڻ هلاڪت جو سبب آهي * ظاهر آهي اسان صدقو ۽ خيرات نه ڪنداسين ته معاشري ۾ غربت وڌندي ويندي * غريبن کي ڪير به پڇڻ وارو نه رهندو ۽ بُکَ وڌندي * غريب ويچارا تنگي جو شڪار ٿي ڪري خودڪشي جي واٽ اختيار ڪندا ۽ ائين معاشري ۾ ٿي به رهيو آهي * جيڪڏهن مالدار حضرات صدقو ۽ خيرات نه ڪندا ته مسجدن جو نظام ڪيئن هلندو؟ * مدرسا ڪيئن هلندا؟ * ٻارَ قرآن ۽ سنّت جي تعليم ڪيئن حاصل ڪري سگهندا؟ * اسان جي نسلن تائين دين ڪيئن پهچندو؟ ائين ئي ٻيون کوڙ صورتون آهن جو جيڪڏهن اسان صدقو ۽ خيرات ڪرڻ ڇڏي ڏيون ته خود هلاڪت جو شڪار ٿي سگهون ٿا.

   الله پاڪ اسان کي دل کولي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري، ۽ الله پاڪ جي ڏنل مال مان ان جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ جي سعادت ۾ ماڻيون. اچو! راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ جا فضائل ٻڌون ٿيون:


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان ،پارہ:2 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:195 ،جلد:1 ،صفحہ:309 -310 خلاصۃً