Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مَروي آهي فرمائن ٿا: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: صبح ساجُهر صدقو ڏيو جو بلا صدقي کان اڳيان قدم ناهي وڌائيندي.[1]
هڪ شخص حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڪري چوڻ لڳو ته منهنجو پٽ سمنڊ جي سفر تي ويو آهي اوهان الله پاڪ کان ان جي لاءِ دُعا فرمايو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: ان جي طرفان صدقو ڏي. ان وقت سمنڊ ۾ موجون اُٿي رهيون هيون ۽ جهاز ٻُڏڻ وارو هو، جڏهن ان شخص ان جي طرف کان صدقو ڏنو ته هڪ چوڻ واري کي هي چوندي ٻڌو ويو: سوارو! توهان جي لاءِ سلامتي آهي بيشڪ الله پاڪ هي فديو قبول فرمائي ورتو.[2]
صدقو ۽ خيرات ڪرڻ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي عظيم سنّت آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي جود ۽ سخاوت جي دروازي تان ڪو سوالي خالي هٿين نه ويندو هو.[3] صدقو گناھن کي ائين مِٽائيندو آهي جيئن پاڻي باھ کي وسائيندو آهي.[4] صدقو جهنّم جي باھ کان بچائيندو آهي، حديثِ پاڪ ۾ آهي جيڪو الله پاڪ جي رضا جي خاطر صدقو ڪري ته اهو صدقو ان جي ۽ باھ جي وچ ۾ پردو بڻجي ويندو آهي. صدقو الله پاڪ جي غضب کي وسائيندو آهي ۽ بُري موت کي دَفع (يعني دور ڪندو) آهي فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صدقو ڏيڻ ۾ جلدي ڪيو جو بلا صدقي کي ناهي