Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: راھِ خُدا ۾ اخلاص سان خرچ ڪرڻ کي قرض سان تعبير فرمايو، هي الله پاڪ جو ڪمال درجي جو لطف ۽ ڪرم آهي ڇوته ٻانهو ان جو خلقيل ۽ ٻانهي جو مال ان جو عطا فرمايل آهي ۽ حقيقي مالڪ به اهو ئي آهي جڏهن ته ٻانهو ان جي عطا سان مجازي مِلڪ رکندو آهي پر قرض سان تعبير فرمائڻ ۾ هي ڳالھ دل ۾ ويهارڻ مقصود آهي ته جيئن قرض ڏيڻ وارو اطمينان رکندو آهي ته ان جو مال ضايع ناهي ٿيندو ۽ اهو هن جي واپسي جو حقدار آهي ائين ئي راھِ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ واري کي اطمينان رکڻ گهرجي ته اهو هن خرچ ڪرڻ جو بدلو يقيناً ماڻيندو ۽ اهو به معمولي نه بلڪه ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ماڻيندو. 7 ڀيرا به ٿي سگهي ٿو ۽ ان کان لکين ڀيرا به ٿي سگهي ٿو. صدقي سان دنيا ۾ به مال ۾ برڪت ٿيندي آهي ۽ آخرت ۾ به اجر ۽ ثواب ملندو آهي. دنيا جي جيڪڏهن لکين امير ماڻهن جو سروي ڪيو ته توهان کي خبر پوندي ته انهن جي اڪثريت صدقو ۽ خيرات ڪثرت سان ڪندي آهي ۽ لکين غريبن کي ڏسو ته انهن جي اڪثريت صدقو ۽ خيرات کان پَري ڀڄندي آهي.
الله اڪبر! پياريون اسلامي ڀينرون! صدقي جي فضيلتن تي غور فرمايو! جيڪو انسان الله پاڪ جي عطا ڪيل مال کي الله پاڪ جي ئي راھ ۾ خرچ ڪري، الله پاڪ ان کي قرض فرمائيندو آهي ۽ ان تي ڪيئي ڀيرا اجر جو واعدو به فرمائي رهيو آهي. پوءِ ڇا سبب آهي جو اسان انهيءَ جو ڏنل مال ان جي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪيون. اسان کي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ گهرجي، دل کولي ڪرڻ گهرجي. ان ۾ اسان جي ئي ڀلائي آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو: