Sadqa Ke Fazail o Adaab

Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab

ڇوته رياڪاري شرڪِ (اصغر) آهي ۽ قيامت جي ڏينهن رياڪار کي 4 نالن سان سڏيو ويندو: (1): اي بدڪار! (2): اي ڌوڪيباز! (3): اي ڪافر! (4): اي نقصان کڻڻ وارا! تنهنجو عمل خراب ٿيو، تنهنجو عمل برباد ٿيو، اڄ تنهنجي لاءِ ڪو حصو ناهي، اي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا! پنهنجو ثواب ان وٽ تلاش ڪر جنهن جي لاءِ عمل ڪندو هئين.[1]

لڪائي صدقو ڪرڻ  جا  فضائل

   پياريون اسلامي ڀينرون! زڪوات، فطرو، صدقو ۽ خيرات وغير اعلانيه طور تي (يعني ماڻهن جي سامهون) ڏيڻ به جيتوڻيڪ جائز آهي، باقي عافيت انهيءَ ۾ آهي ته انسان لڪائي ڪري صدقو ۽ خيرات ڪري، هن طرح رياڪاري جي آفت کان بچڻ آسان آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنۡ تُبۡدُوا الصَّدَقٰتِ فَنِعِمَّا ہِیَ ۚ        وَ اِنۡ تُخۡفُوۡہَا وَ تُؤۡتُوۡہَا الۡفُقَرَآءَ فَہُوَ خَیۡرٌ لَّکُمۡ ؕ

(سيپارو: 3، سورة بقرة: 271)

ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن توهان خيرات ظاهر ڪري ڏيندؤ ته اها ڪهڙي نه چڱي ڳالهه آهي ۽ جيڪڏهن توهان لڪائي فقيرن کي ڏيو ته اهو توهان جي لاءِ سڀ کان بهتر آهي

معلوم ٿيو: لڪائي ڪري صدقو ۽ خيرات ڪرڻ اسان جي حق ۾ بهتر آهي.

سڀني کان طاقتور ڪير...؟

  حضرت اَنس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي آهي ته الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جڏهن الله پاڪ زمين کي پيدا فرمايو ته لوڏا کائڻ لڳي ته الله پاڪ جبلن کي ان ۾ کوڙي ڇڏيو جنهن سان زمين بيهي رهي، ملائڪَ جبلن جي مضبوطي کان حيران ٿيا ۽ عرض ڪيائون: الهي! ڇا تو


 

 



[1] اَلْاِتْحَاف ُالْخِیرۃ ،کتاب العلم،باب التحذیر  من الریاء…الخ،جلد:1، صفحہ:260 ،حدیث:400۔