Book Name:Sadqa Ke Fazail o Adaab
مال جي انهن تمام آفتن جو بنياد هڪ آهي ۽ اهو هي آهي ته * انسان مال کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ويهي. جڏهن انسان مال کي پنهنجي ذاتي ملڪيت، پنهنجي محنت ۽ مزوري جي ڪمائي جو نتيجو سمجهندو آهي ته ان ۾ غرور به اچي ويندو آهي. جڏهن انسان مال کي پنهنجي ملڪيت سمجهندو آهي ته ان ۾ خودپسندي به ايندي آهي * عياش پرست به ٿي ويندو آهي * فضول خرچ به ٿي ويندو آهي. زڪوات ۽ مال جي ٻين حقن کي ٽيڪس جو نالو به ڏيندو آهي ۽ * ناشڪري جي ڀَنور ۾ ڦاسي ڪري راھِ هدايت کان تمام گهڻو پري نڪري ويندو آهي.
ان ڪري الله پاڪ اسان کي مال ۽ دولت جي نعمت سان نوازي ته اسان کي پنهنجي پهرين حالت کي هرگز وسارڻ نه گهرجي، اسان جڏهن دنيا ۾ آياسين خالي هٿين هئاسين، جڏهن دنيا مان وينداسين ته خالي هٿين ئي وينداسين، انهن ٻنهي حالتن جي وچ ۾ اسان کي جيڪو مال ۽ دولت، رتبو ۽ مقام مليو آهي، اهو اسان جو ذاتي ناهي، الله پاڪ جو عطا ڪيل آهي، هي الله پاڪ جي ئي ملڪيت آهي، اسان صرف ۽ صرف ان مال جا اَمين ۽ خليفا آهيون. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ اَنۡفِقُوۡا مِمَّا جَعَلَکُمۡ مُّسۡتَخۡلَفِیۡنَ فِیۡہِ ؕ (سيپارو: 27، سورة حديد: 7)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان جي راھ ۾ ان مال مان خرچ ڪيو جنهن ۾ الله توهان کي جانشين بڻايو آهي.
يعني اي انسانو! هي مال جيڪو توهان جي قبضي ۾ آهي، هي سڀ الله پاڪ جو آهي، ان توهان کي نفعو کڻڻ جي لاءِ ڏنو آهي، توهان حقيقي طور تي ان جا مالڪ نه بلڪه نائِب ۽ وڪيل جيان آهيو.[1]