Book Name:Shab e Baraat kese Guzaren
ڏسي چڪا آهيو، البت هڪ عَمَل وڌيڪ آهي اهو هي ته مان پنهنجي دِل ۾ ڪنهن مسلمان جي لاءِ ڪينو نٿو رکان ۽ نه ڪنهن مسلمان کي ملڻ واري نعمت تي حَسَد ڪيان ٿو۔ حضرت عبد الله بن عَمرو رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا فرمايو: ها! هي ئي اهو وَصف آهي جنهن اوهان کي هن مقام تائين پهچايو آهي۔([1])
سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! دِل کي پاڪ رکڻ، دِل ۾ ڪنهن جي لاءِ بغض ۽ ڪينو نه اچڻ ڏيڻ، ڪنهن کان حَسَد نه رکڻ، ڪنهن جي باري ۾ دِل ۾ ميرُ نه رکڻ جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارو عَمَل آهي ۽ ٻئي پاسي غور ڪيو ته دِل ۾ بغض رکڻ وارو، حَسَد جو نانگ دِل ۾ پالڻ وارو ڪيترو بدبخت آهي جو شبِ براءَت جو به بخشش ۽ مغفرت کان مَحرُوم رهي ٿو، ان ڪري اسان کي گھرجي ته شبِ براءَت اچڻ کان پهريان پهريان پنهنجي دِل صاف ڪريون، جيڪڏهن ڪنهن جي باري ۾ دِل ۾ ڪجھ ميرُ آهي ته ان کي ڪڍي ٻاهر اڇلايون، ڪنهن سان ناراضگي آهي ته پري ڪريون، ڪنهن رشتيدار سان رَنجِش هلي پئي، ڪنهن به دُنياوي مسئلي جي بنا تي لڙائي آهي، پاڻ ۾ اڻبڻت آهي ته انهن کي پري ڪريون۔ رحمت عالَم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو باطِل تي هجي ۽ جھيڙو ڇڏي ڏي، الله پاڪ ان جي لاءِ جنّت جي ڪنڊ ۾ گھر بڻائيندو ۽ جيڪو حق تي هئڻ باوجود به جھيڙو ڇڏي ڏي، الله پاڪ ان جي لاءِ جنّت جي مٿي واري درجي ۾ گھر بڻائيندو۔([2])
اُمَّتِ محبوب کا یارَبّ بنا دے خیر خواہ نفس کی خاطِر کسی سے دِل میں میرے ہو نہ بَیْر
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! آخِر ۾ شبِ براءَت ۾ پڙھيا ويندڙ ڪجھ نفلن بابت ٻڌون ٿا۔