Shab e Baraat kese Guzaren

Book Name:Shab e Baraat kese Guzaren

ڪيائون: رات جي ابتداء کان وٺي طلوعِ فجر تائين، دروازا ايئن ئي کليل رهندا۔([1])

کِشْتِ اُمِّیْد پہ ہے فَضْلِ خُدا آج کی رات     ہر طرف چھائی ہے رحمت کی گھٹا آج کی رات

کس قدر جوش پہ ہے حق کی عطا آج کی رات   پائیں گے سارے طلب سے بھی سِوا آج کی رات

مغفرت ڈھونڈتی پھرتی ہے گنہ گاروں کو    مہرباں کتنا ہے بندوں پہ خُدا آج کی رات

کوئی محروم نہ رہ جائے زمیں پر سائِل      آسمانوں سے یہ آتی ہے صدا آج کی رات

آج کی رات نہ غفلت میں گزاری جائے    رَبِّ اکبر کی کرو حَمْد وثنا آج کی رات

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

شبِ براءَت ملائڪن جي عيد  جي رات آهي

حُجَّةُ الاِسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: چيو ويو آهي ته جيئن مسلمانن جي لاءِ عيد جا 2 ڏينهن آهن، ايئن ئي آسمان جي ملائڪن جي لاءِ 2 راتيون عيد جون آهن (1): شبِ براءَت ۽ (2): ٻئي شبِ قَدر۔([2])

سڄي سال جي گناهن جو ڪفّارو

  امام سُبۡڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: * شبِ جمعه (يعني جمعرات ۽ جمعه جي وچين رات) پُوري هفتي جي گُنَاهن جو ڪفّارو بڻجندي آهي * شبِ براءَت سڄي سال جي گُنَاهن جو ڪفّارو ٿيندي آهي ۽ * شبِ قدر سڄي زِندگي جي گُنَاهن جو ڪفارو ٿيندي آهي۔ يعني هنن راتين ۾ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ ۽ يادِ اِلٰهي ۾ جاڳي رات گذارڻ گُنَاهن جو ڪفارو ٿيندو آهي۔ ان ڪري هنن راتين کي ڪفّاري جون راتيون به چيو وڃي ٿو۔([3])


 

 



[1]...اِبْنِ عَسَاکر، جلد:51، صفحہ:72-73۔

[2]...مکاشفۃ القلوب، صفحہ:303۔

[3]...مکاشفۃ القلوب، صفحہ:303۔