Book Name:Shab e Baraat kese Guzaren
گُنَاه نيڪين ۾ تبديل ٿيڻ جي حِڪايت
غيب ٻڌائڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قيامت جي ڏينهن هڪ شَخص بارگاھ الٰهي ۾ پيش ڪيو ويندو، حڪم ٿيندو: ان جا صغيره گُنَاھ ان تي پيش ڪيو! پوءِ هڪ هڪ ڪري ان جا گُنَاھ پيش ڪيا ويندا، هو هر هڪ جو اقرار ڪندو ويندو ۽ ڊڄندو هوندو ته هاڻي ڪبيره گُنَاهن جو وارو اچڻ وارو آهي، ايتري ۾ حڪم ٿيندو: تنهنجي هر گُنَاھ جي جڳھ هڪ نيڪي آهي۔ هاڻي هو پڪاريندو: موليٰ! هاڻي ته تمام وڏا وڏا گُنَاھ آهن جن جو ذِڪر ئي ناهي ٿيو (مطلب هي ته پهريان ته ڊڄي رهيو هوندو ته گُنَاهن تي پڪڙ ٿيندي پر جڏهن الله پاڪ جي رحمت ڏسندو ته گُنَاھ نيڪين ۾ بدلي رهيا آهن ته چاهيندو ته منهنجا سمورا گُنَاھ نيڪين ۾ بدليا وڃن، ان ڪري پُڪاريندو: موليٰ! اڃا وڏن وڏن گُنَاهن جو ته ذِڪر ئي ناهي ٿيو)۔([1])
بخش دے میری ساری خطائیں کھول دے مجھ پر اپنی عطائیں
برسا دے رحمت کی برکھا یااللہ! مری جھولی بھر دے
سُبْحٰنَ الله! اسان جي رَبِّ ڪريم جي بي پناھ رحمتن جو به ڇا شان آهي۔ ڪاش! شبِ براءَت اچڻ کان پهريان پهريان اسان سچّي تَوبه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ۽ پوئين سال جو اَعمَال نامو ويڙهيو وڃي جو ان ۾ هڪ به گُنَاھ باقي نه هجي، سچّي تَوبه جي برڪت سان سڀئي گُنَاھ مٽجي وڃن، بلڪ زهي نصيب! گُنَاھ نيڪين ۾ تبديل ٿي وڃن، ته ان جي ڇا ڳالھ ڪجي۔
خيال رهي! اسان وٽ تَوبه کي گھڻو هلڪو سمجھيو ويندو آهي * ڪي ماڻهو پنهنجي ڳلن تي هلڪو هٿ هڻي چوندا آهن: تَوبَه، تَوبَه * ڪي نڪ ۽ ڪنن کي هٿ لڳائيندا آهن * ڪي ماڻهو پنهنجي زبان ڏندن سان دٻائي ٻه چار ڀيرا تَوبه