Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت سڀني کان افضل آهي۔ (بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1)

 

     اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايون ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جا برگزيده نبي آهن، الله پاڪ کين پنهنجو خليل بڻايو، ان ڪري حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي ”خَلِيلُ الله“ چيو وڃي ٿو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کان پوءِ جيترا به نبي سڳورا عَلَيۡهِمُ السَّلَام آيا، سڀئي سندن جي اَولاد مان هئا، ان ڪري حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي ”اَبُوالاَنبِيا (يعني انبياء جا والِد) به چيو وڃي ٿو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام پهريان انسان آهن جن باقاعده اهتمام سان مهمانن جي مهمان نوازي ڪئي (مراۃالمناجیح، باب:الترجل، الفصل:الثالث، جلد:6، صفحہ:193) هن اعتبار سان سندن لقب اَبُو الضَّيفَان يعني مهمان نوازي ڪرڻ وارو آهي: (حلیۃ الاولیاء، عکرمہ مولی ابن عباس، جلد:3، صفحہ:385، حدیث:4361) حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو مُبَارَڪ حُليو ۽ ظاهري شڪل ۽ مشابهت تاجدارِ انبيا، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گھڻي ملندي هئي، ايستائين جو