Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

رَبِّیَ الَّذِیْ یُحْیٖ وَ یُمِیْتُۙ- (پاره3،سورۃالبقرۃ:258)   

ترجمو ڪنزالايمان: منهنجو رب اهو آهي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو

يعني اي نمرود! خُود تنهنجو زِندھ هئڻ ۽ عنقريب موت جو شڪار ٿيڻ منهنجي رَبّ جو رَوشن دليل آهي، منهنجو رَبّ اهڙي قدرتن وارو آهي جو هو بي جان ۾ زِندگي پيدا فرمائي ٿو، جاندار کي موت ڏي ٿو۔ هڪ بي جان نُطفي مان جيئرو جاڳندو عقل مند انسان بڻائي ٿو، پوءِ جڏهن چاهي ٿو ان جاندار اِنسان کي موت ڏي ٿو، آني ۾ نه کڙڪي آهي، نه روشن دان، نه اتي هوا ۽ نه غِذا پهچي سگھي، اهڙي بند جڳھ ۾ چوزي کي زِندگي بخشي ٿو، غرض منهنجو رَبّ هر با اِختِيار کان وڌيڪ اِختيار ۽ قُدرت وارو آهي، زِندگي جو به اهو ئي خالِق آهي، موت جو به اهو ئي خالِق آهي، جيڪو به پنهنجي قُدرت ۽ اِختيار جو دعويدار آهي، هو پنهنجي قُدرت، پنهنجي طاقت ۾ بلڪ پنهنجي زِندھ هئڻ ۾ ئي منهنجي رَبّ جو محتاج آهي ۽ جيڪو محتاج هجي اهو ڪڏهن به خُدا نٿو ٿي سگھي، تنهنڪري خُدا صِرف هڪ ئي آهي ۽ اهو ئي اَصل قُدرت ۽ طاقت وارو آهي۔

    سب کا پیدا کرنے والا، میرا مولا، میرا مولا            سب سے افضل، سب سے اعلیٰ، میرا مولا میرا مولا

سب کو وہ ہی دے ہے روزی، نعمت اس کی، دولت اس کی     رازِق داتا، پالن ہارا، میرا مولا میرا مولا

ہم سب اس کے عاجز بندے، وہ ہی پالے، وہ ہی مارے              خوبی والا، سب سے نرالا، میرا مولا میرا مولا

طاعت، سجدہ اُس کا حق ہے، اُس کو پوجو وہ ہی رب ہے اللہ اللہ، اللہ اللہ، میرا مولا میرا مولا

 پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو دليل بالڪل واضِح، مڪمل ۽ آساني سان سمجھ اچڻ وارو هو ۽ ان جو جواب ڏيڻ نمرود بدبخت جي وس جي ڳالھ نه هئي۔ البت نمرود هڪ بادشاھ هو، ان وٽ سڀئي ان جا وزير، مشير هئا، ان کي خُدا مڃڻ وارو عوام هو، انهن سڀني جي اڳيان حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي دليل جو جواب نه ڏئي سگھڻ، نمرود جي لاءِ سخت ذِلَّت جو سبب