Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

اسان الله پاڪ جي رَبّ هئڻ تي راضِي آهيون

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو نمرود سان جيڪو مُنَاظَرو ٿيو، جنهن مُنَاظَري کي الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ به بيان فرمايو آهي، ان مُنَاظَري ۾ اسان جي لاءِ عِبرت ۽ نصيحت جا کوڙ سارا مدني گل آهن، هڪ تمام اهم ۽ ايمان افروز مدني گل جيڪو بعض مُفَسِّرن بيان ڪيو آهي، اهو هي آهي ته جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو نمرود سان اهو مُنَاظَرو ٿيو هو، ان وقت جي حالت جو مَنظَر تَصَوُّر ۾ آڻيو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي مقابلي ۾ جيڪو شخص آهي اهو تمام دُنيا جو بادشاھ آهي، انتهائي سرڪش و ظالِم آهي ۽ خُدائي جي دعويٰ به ڪري ٿو، وزير مُشِير به ان جا آهن، سپاهي به اُن وٽ آهن ۽ عوام به ان جي ها ۾ ها مِلائڻ واري آهي، ٻئي پاسي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام بلڪل اڪيلا آهن، نه سندن وٽ فوج، نه سپاهي، نه ظاهري دُنياوي تاج، نه تخت، نه ئي ڪو حمايتي۔

هن حال ۾ نمرود حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کان پڇي ٿو: اي ابراهيم! ٻڌايو، اوهان جو رَبّ ڪير آهي؟

سُبحٰنَ الله! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي ايماني قُوَّت ڏسو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي بي مِثَال شُجاعت ڏسو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو الله پاڪ تي ڪمال ڀروسو ڏسو، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام بلڪل نه ڊنا، گهٻرايائون به نه، پُوري خود اعتمادي سان، وڏي يقين سان ۽ فخريه انداز ۾ پنهنجي رَبّ جي وُجُود تي، پنهنجي رَبّ جي هڪ هئڻ تي دليل ڏنو ۽ دليل جا الفاظ ڪهڙا هئا؟ فرمايائون: رَبِّيَ الَّذِيْ منهنجو رب اهو آهي، هتي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام هيئن به چئي سگھيا ٿي ته: اي نمرود! تنهنجو رَبّ اهو آهي يا اسان سڀني جو رَبّ يا جيڪڏهن تمام جهانن جو رَبّ چئي دليل ڏين ها ته اها اڃا وڌيڪ واضِح ٿئي ها پر بعض مُفّسِّرين لکن ٿا: حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام هن جڳھرَبِّیْ (منهنجو رَبّ)“ چيو، هن