Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

حڪم جو ناهي بلڪه اسان جي طبيعت، اسان جي راءِ ۽ عقل جو آهي، تنهنڪري اهڙن اَحڪامن جي باري ۾ ٻانهي کي گھرجي ته عقل جا گھوڙا ڊوڙائڻ بدران، پنهنجو پاڻ کي اِطَاعت ڪرڻ تي مجبور ڪري، اِن شَآءَالله الڪرِيم! انهيء ۾ بهتري ڏسندو، الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَحڪام تي اعتراض ڪرڻ ۾ بدبختي آهي۔ (شانِ حبیب الرحمٰن، صفحہ:165 و 167)

ڏسو! شيطان مَردُود پهريان ڪيتري وڏي رُتبي تي هو، ان کي الله پاڪ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي سجدو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ان بداَنجام الله پاڪ جي حڪم تي اعتراض ڪيو، حڪمِ اِلٰهي جي مُقابلي ۾ پنهنجو ناقِص عقل ڏيکاريو ته هميشه جي لاءِ مَردُود ٿي ويو۔ معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جي اَحڪامن جي مُقابلي ۾ عقل جا گھوڙا ڊوڙائڻ، پنهنجي ناقِص راءِ کي بهتر سمجھڻ شيطاني ڪم آهي ۽ الله پاڪ جي اَحڪام تي ڪنڌ جھڪائڻ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام بلڪه تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام ۽ نيڪ ماڻهن جو طريقو آهي۔

عقل کو تنقید سے فرصت نہیں                عشق پر اعمال کی  بنیاد رکھ

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: چوڪ دَرس

اي عاشقانِ رسول! نيڪ نمازي بڻجڻ، الله پاڪ ۽ ان جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اطاعت ۽  فرمانبرداري جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌ کان وڌ حِصو وٺو! اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دِين و دُنيا جون بي شُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: چوڪ درس۔

الحمد لله! دعوتِ اسلامي وارا مَسجِدن ۾ ته دَرس ڏين ئي ٿا، ان سان