Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

پوءِ واپَس مڪه مڪرمه به پهچايو ۽ اسان جا گُنَاھ بخشرائڻ جي لاءِ، مشڪلون حل ڪرائڻ جي لاءِ، دِين ۽ دُنيا جون ڀلائيون ماڻڻ جي لاءِ اُن پاڪ نبي، مڪي مدني، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو آستانو ٻڌايو، الحمد لله! اسان کي هن ڳالھ تي فخر هو، هن تي فخر آهي ۽ اِن شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! هن تي اسان کي قيامت تائين فخر ئي رهندو۔

حضرت اَبُو سعيد خُدري رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ رَضِیَ بِاللہِ رَبّاً وَ بِالْاِسْلَامِ دِیْناً وَ بِمُحَمَّدٍ رَسُوْلًا وَجَبَتْ لَہُ الْجَنَّۃُ جيڪو الله پاڪ جي رَبّ هئڻ تي راضِي ٿي ويو (يعني مشڪل ۾، آساني ۾ هر حال ۾ صبر ۽ شڪر ڪندي، الله پاڪ کي پنهنجو رَبّ مڃيندو رهيو)، ۽ جيڪو اسلام جي دِين هئڻ تي ۽ مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رَسُول هئڻ تي راضِي ٿي ويو، ان جي لاءِ جَنّت واجِب ٿي وئي۔ (مشکوٰۃ ، کتاب:الجہاد، الفصل:الثالث، جزء:3، جلد:2، صفحہ:33، حدیث:3851)

سيدي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غُلامي تي فخر جو اِظهار ڪندي فرمائن ٿا:

میرے آقا کا وہ دَر ہے جس پر                ماتھے گِھس جاتے ہیں سرداروں کے

کیسے آقاؤں کا بندہ ہوں رضا                   بول بالے مِری سرکاروں کے

(حدائقِ بخشش، صفحہ:359تا360)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جون اَعليٰ وصفون

        پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جن نمرود سان مُنَاظَرو ڪيو ۽ پنهنجي دليلن جي روشني ۾ نمرود کي بيوس ڪري ڇڏيو، پاڻ الله پاڪ جا