Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايو: منهنجي نائِب تي الله پاڪ جي رَحمت وسي۔ عَرض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جا نائِب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔ (جامع بیانِ عِلْم، بَابُ:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث:220)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

”معانقو ڪرڻ(ڀاڪر پائڻ)“  سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جنهن جو ڪو ڀاءُ هجي ان کي گھرجي ته پنهنجي ڀاءُ سان معانقه ڪري (يعني ڀاڪر پائي ملي)۔ (کَنزُ الْعُمَال، کتاب: الفضائل، جلد:7، جز:13، صفحہ:26، حدیث:36235) (2): معانقو اُمَّتن جي تحيت (يعني ملاقات جو اَدَب) ۽ سٺي دوستي آهي ۽ سڀ کان پهريان معانقو الله پاڪ جي خليل حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ڪيو هو۔ (میزان الاعتدال، حرف العین، جلد:5، صفحہ:226، حدیث:6080)

 اي عاشقانِ رسول! ڀاڪر پائي ملڻ کي معانقو چوندا آهن ۽ مُعَانقو سُنَّتِ مصطفيٰ آهي۔ * مِراٰةُ المَنَاجِيح ۾ آهي: خوشي ۾ ڪنهن سان ڀاڪر پائي ملڻ سنّت آهي (مرآۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:359) پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيئي ڀيرا صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان تي شفقت فرمائيندي انهن کي ڳلي لڳائڻ جو شَرف بخشيندا هئا۔ مثال طور * خيبر جي موقعي تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت جعفر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي سيني سان لڳايو ۽ پيشاني تي چمي به ڏنائون۔ (ابو داؤد، کتاب:الادب، باب: قبلۃ ما بین العینین،صفحہ:813، حدیث:5220) * هڪ ڀيري رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت ابو ذَر غِفاري رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي گھرايو، جڏهن هو حاضر ٿيا ته شفقت فرمائيندي انهن کي ڳلي لڳائي ورتو۔ (ابو داؤد، کتاب:الادب، باب: قبلۃ ما بین العینین،صفحہ:812، حدیث:5214خلاصۃً)

        اي عاشقانِ رسول! مُعَانقه يعني ڀاڪر پائي ملڻ سُنّت آهي، البت اَمرَد يعني ننڍن نابالغ ٻارن سان ڳلي ملڻ کان پرهيز ڪرڻ ئي بهتر آهي، ڇوته هن ۾ گُنَاهن ۾ پوڻ جو سخت انديشو آهي۔ الله پاڪ اسان کي سُنَّتن جو پيروڪار بڻائي۔  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                                              صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد