Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

جو اهو ادب هو ته جيڪو اچي، نمرود جي مٿي تي جوتا هڻي۔ ان عذاب کان پهريان 400 سال نمرود گھڻو آرام سان سلطنت ڪئي ۽ 400 سال جوتا کائيندو رهيو، نيٺ سخت ذِلَّت سان واصِلِ جهنّم ٿيو، ان جي عمر 800 سال کان ڪجھ وڌيڪ هئي۔ (تفسیرنعیمی، پارہ:3، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:258، جلد:3، صفحہ61تا63ملتقطاً)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

”تَوحِيد“ جا  دليل

 پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ هڪ آهي، ان جو ڪو شريڪ نه آهي، الله پاڪ بي نياز آهي، سڀئي ان جا محتاج، هو ڪنهن جو محتاج ناهي، نه هو ڪنهن جو پُٽ، نه ان جي ڪا اَولاد، ڪو به ان جي برابر ناهي، ڪا شيء نه ان جي مثل آهي، نه ٿي سگھي ٿي، بلڪ حق اهو آهي ته اهو ئي هڪ موجود آهي، باقي وُجُودَ عارضي، فانِي، الله پاڪ جي پيدا ڪرڻ سان وُجُود ۾ آيا، جڏهن هو چاهيندو ته فَنَا ٿي ويندا۔

لَامَوْجُوْدَ اِلَّا اللہ                                                                                                                                                 لَا مَشْہُوْدَ اِلَّا اللہ

لَا مَقْصُوْدَ اِلَّا اللہ                                                                                                                                              لَا مَعْبُوْدَ اِلَّا اللہ

لَآاِلٰہَ اِلَّااللہ، اٰمَنَّا  بِرَسُوْلِ اللہ

ہے موجودِ حقیقی وہ                              ہے مشہودِ حقیقی وہ

ہے مقصودِ حقیقی وہ                              معبودِ حق و حقیقی وہ

لَآاِلٰہَ اِلَّااللہ، اٰمَنَّا  بِرَسُوْلِ اللہ

وضاحت: يعني حقيقي وُجُود صِرف الله پاڪ جو آهي، باقِي جيڪو به موجود آهي، الله پاڪ جي پيدا ڪرڻ سان موجُود آهي، مَقصُودِ حقيقي به اهو ئي آهي ته سڀئي انهيء جي معرفت چاهين ٿا، ان جي رِضا جا طلب گار رهن ٿا ۽ عِبَادت جي لائق به صِرف الله پاڪ آهي، ڪو مَعبُود ناهي پر الله، اسان الله