Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

برگزيده نبي ۽ الله پاڪ جا خليل آهن، اسان جا پيارا نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام ۾ سڀ کان اَفضَل آهن، رحمت عالمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پوءِ سڀني کان بلند رُتبو حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ئي جو آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ 50 کان وڌيڪ ڀيرا سندن جو نالو ذِڪر فرمايو ۽ سندن کوڙ اعليٰ وصفون به قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿيون آهن۔ (بصائر ذوی التمییز، الباب:الثلاثون، بصیرۃ فی ذکر ابراہیم، جلد:6، صفحہ:24) اچو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي ڪجھ اعليٰ وصفن جو ذِڪرِ خير ٻڌون ٿا:

(3-1): حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام حليم، اَوَّاه ۽ مُنِيب آهن

سيپاري: 12، سوره هود، آيت: 75 ۾ ارشاد آهي:

اِنَّ اِبْرٰهِیْمَ لَحَلِیْمٌ اَوَّاهٌ مُّنِیْبٌ(۷۵) (پاره12،سورۃھود:75)   

ترجموڪنزالايمان: بيشڪ ابراهيم بردبار گهڻي عاجزي ۽ گريو ڪندڙ ۽ رجوع ڪندڙ آهي.

 هن آيت سڳوري ۾ الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جون ٽي وصفون بيان ڪيون آهن: (1): حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام حِلم وارا آهن، (2): حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام اَوَّاه آهن، (3): حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام مُنِيب آهن۔

حِلم جي معني آهي: بُرد باري، نَرم دِلي، Tolerance۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: انسان کي ڪاوڙ اچي ۽ هو ڪوشش ڪري، تڪليف سان، نفس کي مجبور ڪري ڪاوڙ کي دٻائي ته ان عَمَل کي کَظْمُ الْغَیْظ چيو ويندو آهي، يعني ڪاوڙ پيئڻ، جيڪڏهن هر هر انهيء طرح ڪاوڙ روڪڻ جي مَشق (Practice) ڪئي وڃي، ايستائين جو اهڙي حالت ٿي وڃي جو ڪاوڙ اچي ئي نه، ۽ جيڪڏهن ڪاوڙ اچي ته ان کي روڪڻ ۾ تڪليف سان ڪم نه وٺڻو پوي بلڪه آساني سان ڪاوڙ روڪي وڃي، ان ڪيفيت کي حِلم چيو ويندو آهي۔ امام