Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

يعني اي ڪافِرؤ...! توهان جي پيدائش جي مرحلن ۾، توهان جي عضون جي بناوٽ ۾، توهان جي عضون جي ترتيب ۾، توهان جي جسم جي اندروني نِظام ۾، توهان جي پيدائش کان بعد مرحليوار توهان جا حالات بدلجڻ ۾، توهان جي شڪلن، صُورتن ۽ زبانن جي اِختلاف ۾، توهان جي ذهني ۽ جسماني صلاحيتن جي مختلف هئڻ ۾، توهان جي ظاهر ۾، توهان جي باطِن ۾ الله پاڪ جي قُدرَت جا بي شُمار عجائبات موجود آهن ڇا توهان غور نٿا ڪيو...؟ (صراط الجنان، پارہ:26، سورۂ ذاریات، زیرِآیت:21، جلد:9، صفحہ:495)

اللہ واحد و یکتا ہے                                             ایک خدا بس تنہا ہے

کوئی نہ اس کا ہمتا ہے                                         ایک ہی سب کی سنتا ہے

لَآاِلٰہَ اِلَّااللہ، اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللہ

ہر ہر ذَرَّہ ہر قطرہ                                                شاہِد ہے ہر ہر لمحہ

اس کی قدرت و صنعت کا                                    یکتائی و وَحْدَت کا

لَآاِلٰہَ اِلَّااللہ، اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللہ

میں ہوں بندہ وہ مولا                                           کون ہے اپنا اُس کے سِوا

میں ہوں اس کا وہ ہے مرا                                  جس نے بنایا اور پالا

لَآاِلٰہَ اِلَّااللہ، اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللہ

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

امام شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ مختصر مُنَاظَرو (حڪايت)

پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ ڀيري امام شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ ڪجھ ڪافِر آيا، انهن امام شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان سُوال ڪيو: ٻڌايو! خُدا جي وُجُود جو ڪهڙو دليل آهي؟ (شايد امام شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان وقت شهتوت جي وڻ جي ويجھو ويٺل هئا،