Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

سُبحٰنَ الله! الله پاڪ جي پياري نبي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جون ڪيتريون پياريون پياريون وصفون آهن، الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي صدقي اسان کي به پنهنجي ڪامِل محبت نصيب فرمائي، ڪاش! حِلم جي دَولت ملي وڃي، ڪاش! اسان الله پاڪ جي خوف مان، ان جي محبت ۾ گريه و  زاري ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، ڪاش! دُنيا جي محبت دِل مان نڪري وڃي ۽ اسان صِرف الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏانهن رُجُوع ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔

محبت میں اپنی گما یا اِلٰہی                                       نہ پاؤں میں اپنا پتا یااِلٰہی

رہوں مست و بے خود میں تیری ولا میں              پلا جام ایسا پِلا یااِلٰہی

مرے دل سے دنیا کی چاہت مٹا کر                      کر اُلفت میں اپنی فنا یااِلٰہی

مرے اشک بہتے رہیں کاش ہر دم                      ترے خوف سے یا خدا یااِلٰہی

(وسائلِ بخشش، صفحہ:105ملتقطاً)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 (4): حضرت ابراهيم  عَلَيۡهِ السَّلَام  وڏا  اطاعت گذار آهن

    پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي هڪ تمام ئي پياري وَصف بيان ڪندي الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِذْ قَالَ لَهٗ رَبُّهٗۤ اَسْلِمْۙ-قَالَ اَسْلَمْتُ لِرَبِّ الْعٰلَمِیْنَ(۱۳۱) (پاره1،سورۃالبقرۃ:131)  

ترجمو ڪنزالايمان: جڏهن ان کي سندس پالڻهار فرمايو ته ڪنڌ جهڪاءِ عرض ڪيائين مون ان جي لاءِ ڪنڌ جهڪايو، جيڪو ساري جهان جو پالڻهار آهي.