Book Name:Achi Aur Buri Mout

ختم ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان اُن ڏينهن کان ڊڄڻ شروع ڪيون، جنهن ڏينهن اسان کي موٽي پنهنجي ربّ ڏانهن حاضِر ٿيڻو آهي۔ الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

  قُتِلَ الْاِنْسَانُ مَاۤ اَكْفَرَهٗؕ(۱۷) مِنْ اَیِّ شَیْءٍ خَلَقَهٗؕ(۱۸) مِنْ نُّطْفَةٍؕ-خَلَقَهٗ فَقَدَّرَهٗۙ(۱۹) ثُمَّ السَّبِیْلَ یَسَّرَهٗۙ(۲۰) ثُمَّ اَمَاتَهٗ فَاَقْبَرَهٗۙ(۲۱) ثُمَّ اِذَا شَآءَ اَنْشَرَهٗؕ(۲۲)         (پاره30،سورةعبس:17-22)                                

ترجموڪنزالايمان: انسان کي مار پوي ڪيڏو نه ناشڪر آهي ان کي ڪهڙي شيءِ مان ٺاهيائين. پاڻي جي قطري مان انکي پيدا فرمايائين، پوءِ انکي مختلف انداز تي رکيائين. پوءِ ان تي واٽ آسان بنايائين. پوءِ ان کي موت ڏنائين پوءِ قبر ۾ رکيائين. پوءِ جڏهن گهريائين انکي ٻاهر ڪڍيائين.

آتے ہوئے اذاں ہوئی، جاتے ہوئے نماز                                                                     اتنے قلیل وقت میں آئے اور چل دئیے

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اسان جي غفلت ۽ موت

اي عاشقانِ رسول! ڪبوتر مشهور پکي آهي، ان جي اها عادت آهي ته ٻلي کي ڏسي اکيون ٻوٽي ڇڏيندو آهي ۽ سمجھندو آهي ته هو ٻلّي کان لڪي ويو آهي، پر جڏهن ٻلي ان کي پنهنجي چنبن سان پڪڙي وٺندي آهي ته حقيقت جي خبر پوندي آهي. پر:

اب پچھتائے کیا ہَوَت جب چڑیاں چُگ گئیں کھیت

ڪبوتر جي ان عمل کي ”تجاهلِ عارِفَانه (ڄاڻي واڻي جاهل ٿيڻ) چوندا آهن۔