Book Name:Achi Aur Buri Mout

ڳوٺ جي مسجد ۾ دعوت اسلامي جو هڪ مدني قافلو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ آيو، درس و بيان ۽ عصر کان پوءِ علاقائي دوري جو سلسلو شروع ٿيو، منهنجي خوش قسمتي جو هڪ اسلامي ڀاءُ مون وٽ آيو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندي مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ ۽ قافلي وارن سان گڏ سکڻ سيکارڻ جي حلقي ۾ ڪجھ وقت گذارڻ جي دعوت ڏني، مَاشَآءَ الله! ان جي ترغيب تي جڏهن مان مسجد جي پُربهار فضائن ۾ داخِل ٿيس ته عاشقانِ رسول وڏي محبت سان ملاقات ڪئي، پهرين ملاقات ئي ۾ ايتري قدر محبت ۽ پيار ڏسي مان ايترو متاثِّر ٿيس جو دعوت اسلامي جي محبت دل ۾ گھر ڪري وئي، جيستائين سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ حاضر رهيس، علم جي مدني گلن سان دل جو گلشن آباد ٿيندو رهيو، پوءِ امير قافله مون کي ”نيڪ اَعمَال“ جو رسالو عطا ڪيو، هن رسالي جي صورت ۾ امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي اصلاحِ اُمَّت جي تڙپ ڏسي مون هٿو هٿ بيعت جي لاءِ نالو پيش ڪيو۔ اهڙي طرح مان قادِري، رضوي، عطاري رنگ ۾ رنگجي ويس، هڪ الله واري سان نسبت ڇا ٿي منهنجي زندگي ۾ عمل جي بهار اچي وئي، دل گناهن کان بيزار ۽ نيڪين ڏانهن مائل ٿي وئي، مون اڳوڻن گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دِل و جان سان اپنائي ورتو۔ (دلوں کا چین، صفحہ:4-6)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

”تجهيز و تڪفين“  ايپليڪيشن

اي عاشقانِ رسول! اڄوڪو دور ٽيڪنالوجي جو دور آهي، اسان مان شايد هر هڪ وٽ اِسمَارٽ فون (Smartphone) هوندي۔ الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اِسمَارٽ فون (Smartphone) جي ذريعي به ديني عِلم عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ هن حوالي سان دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ جي طرفان مختلف موبائل ايپلي ڪيشنز جاري ڪيون ويون