Book Name:Achi Aur Buri Mout

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سدائين ڏينهن جو روزو رکندا ۽ سڄي رات عبادت ڪندا هئا، جنهن مسجد وٽان لنگهندا هئا، ان ۾ ٻه رڪعتون ”تَحِيَّةُ المسجِد“ ضرور پڙهندا هئا۔ نماز ۽ تِلاوت سان کين خصوصي محبت هئي، مٿن اهڙو ته ڪرم ٿيو جو رشڪ اچي ٿو، جيئن ته وفات کان پوءِ تدفين دوران اوچتو هڪ سِر سرڪي قبر ۾ ڪري پئي، ماڻهو سِر کڻڻ جي لاءِ جڏهن جھڪيا ته اهو ڏسي حيران ٿي ويا ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه قبر ۾ بيهي نماز پڙھي رهيا آهن، سندن گھر وارن کان جڏهن معلوم ڪيو ويو ته شهزادي صاحِبَه ٻڌايو: والِدِ محترم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه روزانو دُعا گھرندا هئا: ياالله! جيڪڏهن تون ڪنهن کي وفات کان پوءِ قبر ۾ نماز پڙھڻ جي سَعَادت عطا ڪرين ته مون کي به ان جو شرف ڏجان۔ منقول آهي؛ جڏهن به ماڻهو سندن مزارِ پرُ انوار جي ويجهو کان گذرندا هئا ته قبر مبارڪ مان تلاوت جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو۔ (حلیۃ الاولیاء، جلد:2، صفحہ:362۔366ملتقطاً)

دَہَن مَیلا نہیں ہوتا بدن مَیلا نہیں ہوتا                 خدا کے اولیا کا تو کفن مَیلا نہیں ہوتا

الله پاڪ اسان سڀني کي نيڪين ڀري وڏي ڄمار عطا فرمائي ۽ ڪاش! سٺيون، نيڪيون ڪندي بلڪه مدينه منوره ۾، سبز سبز گنبد جي ڇانو ۾، سنهري ڄارين جي سامهون، درودِ پاڪ پڙھندي شهادت جو موت نصيب ٿئي ۽ جنَّتُ البَقِيع ۾ دَفن جي لاءِ ٻه گز زمين به نصيب ٿي وڃي۔

طیبہ میں مَر کے ٹھنڈے چلے جاؤ آنکھیں بند        سیدھی سٹرک یہ شہرِ شَفَاعت نگر کی ہے

(حدائق بخشش، صفحہ:222)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو

پيارا اسلامي ڀائرو! موت کان پوءِ واري زِندگي جي تياري ڪرڻ ۽ نيڪين