Book Name:Achi Aur Buri Mout

زِندگي جي قدر سمجھندو، پر ان وقت اهو سڀ ڄاڻڻ بيڪار آهي۔ اي عزيز! جيڪڏهن تو کي عِبَادت ۽ رياضت جي توفيق مليل آهي ته اها تنهنجي نجات جي نشاني آهي ۽ جيڪڏهن تون سستي ۽ غفلت ۾ مبتلا آهين ته خبردار ٿي! تقدير ۾ تنهنجي لاءِ خرابي لکيل آهي۔ (جواہر البیان، صفحہ:35-36بتغیر قلیل)

قبر میں گر نہ محمد کے نظارے ہوں گے                حشر تک کیسے میں پھر تنہا رہوں گا یارَبّ

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی                       ہائے! میں نارِ جہنّم میں جلوں گا یارَبّ!

دَرْدِ سَر ہو یا بُخار آئے تڑپ جاتا ہوں                  میں جہنّم کی سزا کیسے سہوں گا یارَبّ!

عفو کر اَور سدا کے لئے راضِی ہو جا                       گر کرم کر دے تو جنّت میں رَہُوں گا یارَبّ!

(وسائل بخشش،صفحہ:84-85)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 چڱو ۽ بُرو موت

اي عاشقانِ رسول! موت بابت هڪ ڳالھ جيڪا اسان نٿا ڄاڻون، اها هي ته ڪيترا اهڙا بدنصيب آهن جن کي گُنَاھ ڪندي ڪندي، شراب جي حالت ۾، فلمون ڏسندي، گانا باجا ٻُڌندي، وياج وارو ڪاروبار ڪندي، مسلمانن جون حق تلفيون ڪندي عبرتناڪ موت ايندو آهي ۽ ڪيئي اهڙا خوش نصيب به آهن جو جن کي نيڪيون ڪندي، سجدي جي حالت ۾، تلاوت ڪندي، نعت شريف پڙھندي، اعتڪاف جي حالت ۾، مسجد ڏانهن ويندي، طوافِ ڪعبه ڪندي، حج جي سفر دوران سٺو ۽ قابِلِ رَشڪ موت ايندو آهي، هاءِ! اسان کي خبر ناهي ته اسان جو موت عبرتناڪ ٿيندو يا قابلِ رشڪ ٿيندو، اسان نيڪيون ڪندي دُنيا مان رخصت ٿينداسين يا گُنَاھ جي حالت ۾ موت جو شڪار ٿينداسين، هاءِ! هاءِ! خبر ناهي موت جي وقت سڪرات جي حالت ۾ اسان سان آساني وارو مُعَاملو