Book Name:Achi Aur Buri Mout

صفحہ:452) اتي) آڻيندا آهن ۽ چوندا آهن: اها ڪهڙي سخت بدبُو آهي، پوءِ ان کي ڪافِرن جي رُوحن وٽ پهچايو ويندو آهي۔ (نسائی، کتاب: الجنائز، صفحہ:313، حدیث:1830)

واسطہ پیارے کا ایسا ہو کہ جو سُنّی مرے              یُوں نہ فرمائیں ترے شاہِد کہ وہ فاجِر گیا

عرش پر دھومیں مچیں وہ مومنِ صالح ملا          فرش سے ماتَم اُٹھے وہ طیب وطاہِر گیا

(حدائق بخشش، صفحہ:53-54)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڊڄو موت جي ڏينهن کان...!!

اي عاشقانِ رسول! جڏهن مُعَاملو اهڙو آهي، موت اچڻو ئي اچڻو آهي، هر هڪ کي اچڻو آهي، اسان کي خبر ناهي ته موت ڪڏهن ايندو، خبر ناهي اڳيون ساھ کڻڻ به اسان کي نصيب ٿيندو يا نه، اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته موت سان گڏ قِصو ختم ناهي ٿي ويندو بلڪه ان کان پوءِ به زِندگي آهي ۽ ان زِندگي ۾ يا ته نيڪين جي جزاء ملندي يا گُنَاهن جي سزا ٿيندي ۽ هاءِ...!! اسان اهو نٿا ڄاڻون ته سڪرات جي وقت الله پاڪ جي رَحمت سهارو ڏيندي، ان جي پياري حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جلوه گري ٿيندي يا اسان گُنَاهن جي نحوست ۾ گرفتار ٿي بُري موت جو شِڪار ٿي وينداسين۔

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن مُعَاملو اهڙو آهي ته ڇا اسان کي اُن ڏينهن کان نه ڊڄڻ گھرجي، ڇا هر وقت موت جو خوف دِل تي سُوار نه رهڻ گھرجي، بُخَاري شريف جي حديثِ پاڪ آهي: إِنَّمَا الأَعْمَالُ بِالخَوَاتِيم يعني عملن جو دار ومدار خاتمي تي آهي۔ (بخاری، کتاب: القدر، صفحہ:1617، حدیث:6607) امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فرمائن ٿا: انسان جو موت انهيءَ حالت تي ايندو آهي، جنهن تي هو زِندگي گذاريندو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن